پئسا ڏئي ڇڏرايو، ڌاڙيل ماري ڇڏيندا: پنجاب واسي مغوي جي وڊيو وائرل

جُولاءِ 19, 2023

اوٻاوڙو( ن پ ا) اوٻاوڙو پنجاب جي علائقي ڀونگ ٿاڻي جي حد مان هڪ هفتو اڳ عورتاڻي آواز تي ھرڪجي اغوا ٿي ويل پنجاب جي شهر جلال پور واسي پيرسن ضياءَ اﷲ    زنجيرن ۾ ٻڌل هجڻ واري ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي

 مغوي ويڊيو بيان ۾ چئي رهيو آهي ته ڌاڙيل منهنجي مٿان ڏينهن رات سخت تشدد ڪندا آهن، مغوي وارثن کي ھٿ ٻڌي اپيل ڪئي ته ڌاڙيلن کي پئسا ڏئي منهنجي جان بچائي وڃي

 ذريعن موجب ته   ڌاڙيلن پاران مغوي جي وارثن کان بازيابي لاءِ ڏيڍ ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب ڪيا آهن

Leave A Comment