پئسو ڪمائڻو آهي ته ڪمايو شهيدن کي وچ ۾ نه آڻيو، ڊي ايچ اي وارا ڌنڌو پيا ڪن، وزيراعليٰ ڪير ٿيندو آهي زمين ڏيڻ وارو؟ چيف جسٽس

مارچ 20, 2024

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ نجي هائوسنگ سوسائٽي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ۾ چيف جسٽس رمارڪس ڏنا آهن ته ڊي ايچ اي وارا سڌو سنئون ڌنڌو ڪري رهيا آهن، پئسو ڪمائڻو آهي ته ڪمايو شهيدن کي وچ ۾ نه آڻيو

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ بئنچ نجي هائوسنگ سوسائٽي جي زمين جي منتقلي جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن سلسلي ۾ ڊي ايچ اي جي وڪيل عدالت ۾ دليل ڏنا

ڊي ايچ اي جي وڪيل چيو ته ڊي ايچ اي شهيدن جي وارثن ۽ جنگ ۾ زخمين کي پلاٽ ڏيندو آهي، ان تي جسٽس عرفان سعادت سوال ڪيو ته ڇا ڊي ايچ اي رڳو شهيدن لاءِ ڪم ڪندو آهي؟ وڪيل چيو ته ان منصوبي ۾ ڪمرشل پلاٽ به هوندا آهن.

چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته ڊي ايچ اي وارا سڌو سنئون ڌنڌو ڪري رهيا آهن، پئسو ڪمائڻو آهي ته ڪمايو شهيدن کي وچ ۾ نه آڻيو

چيف جسٽس چيو ته اها گيم گهڻا دفعا ڏٺي آهي، ان معاملي ۾ ٽي مک ڪردار آهن، پرويز مشرف، پرويز الاهي ۽ نجي هائوسنگ سوسائٽي

 جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سوال ڪيو ته اهي آهن پاڪستان جا اصل مالڪ؟ وڏو وزير ڪير ٿيندو آهي زمين الاٽ ڪرڻ وارو؟ ڇا وڏي وزير جو اختيار آهي؟ ايسٽ انڊيا ڪمپني ائين نه ڪيو جيئن وزيراعليٰ ڪري رهيو آهي، اهي ماڻهو تمام گهڻا طاقتور آهن، انهن سڀني کي خريد ڪيو آهي، چيف جسٽس اهو ڪيس لائيو هلائڻ جي به هدايت ڪري ڇڏي

Leave A Comment