حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) تاريخ مٿان تاريخ واري چوڻي ته اوهان ٻڌي هوندي پر حيدرآباد ۾ آرٽس ڪائونسل مٿان آرٽس ڪائونسل اچي رهي آهي
حيدرآباد ۾ فن جي ترقي ۽ فنڪارن جي سهائتا لاءِ آرٽس ڪائونسل آف حيدرآباد جي نالي سان هڪ نئين تنظيم رجسٽرڊ ٿي وئي آهي، اها تنظيم سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري جي چيئرمين ڊاڪٽر اسحاق سميجو، نصير مرزا، جامي چانڊيو ۽ ٻين جي ڪوششن سان رجسٽرڊ ٿي آهي، جنهن جي بورڊ آف گورننس لاءِ 17 ميمبر نامزد ڪيا ويا آهن.
حيدرآباد ۾ اڳ ئي آرٽس جون مختلف تنظيمون ڪم ڪري رهيون آهن جن ۾ حيدرآباد آرٽس ڪائونسل، ڪائونسل فار آرٽ اينڊ ڪلچر ۽ دي آرٽس ڪائونسل آف حيدرآباد شامل آهن، حيدرآباد آرٽس ڪائونسل 1964ع، ڪائونسل فار آرٽ اينڊ ڪلچر 1972ع جڏهن ته دي آرٽس ڪائونسل آف حيدرآباد 2016ع ۾ رجسٽرڊ ٿيون هيون
آرٽس ڪائونسل آف حيدرآباد جي رجسٽريشن سامهون اچڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي مختلف بحث ڇڙي پيا آهن، آرٽس ڪائونسل آف حيدرآباد کي رجسٽرڊ ڪرائڻ ۾ سرگرمي ڏيکاريندڙ ڊاڪٽر اسحاق سميجو جو چوڻ آهي ته حيدرآباد ۾ اڳ به اهڙيون تنظيمون رجسٽرڊ ٿيل آهن پر اهي تنظيمون ادارا بڻجي نه سگهيون ان ڪري اسان آرٽ جي مختلف اسمن جي ترقي ۽ آرٽ جي انهن شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي تربيت توڙي سهائتا لاءِ هڪ نئين تنظيم قائم ڪئي آهي جنهن ۾ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ ۽ آرٽ جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي شامل ڪيو آهي
هن چيو ته اهو سوال اسان جو نه آهي ته اسان جي تنظيم جي رجسٽريشن سان ٻين تنظيمن تي ڪهڙو اثر پوندو پر اسان کي اهو سوچڻو آهي ته اسان جي تنظيم پنهنجو ڪم ڪيئن سر انجام ڏيندي، هن چيو ته ڪنهن به ايسوسيئيشن جي رجسٽريشن تي اعتراض اجايا آهن ڇاڪاڻ ته رائيٽ آف ايسوسيئيشن هر ڪنهن ماڻهو کي حاصل آهي ۽ اسان ان ئي حق تحت پنهنجي تنظيم کي رجسٽرڊ ڪرايو آهي
اسحاق سميجو چيو ته اسان جو ڪنهن تنظيم سان نه ڪو مقابلو آهي نه ئي وري ڪنهن تي اعتراض آهي، هن چيو ته جڏهن هڪ کان وڌيڪ تنظيمون رجسٽرڊ ٿي سگهن ٿيون ته پوءِ اسان جي تنظيم جي رجسٽريشن تي اعتراض ڇو پيا واريا وڃن
هن چيو ته اسان 9 ڊسمبر 2022ع تي رجسٽريشن لاءِ درخواست ڏني جڏهن ته اعتراض واريندڙن 22 ڊسمبر تي درخواست ڏني. اسان پهرين درخواست ڏني هئي ان ڪري اسان جي تنظيم پهرين رجسٽرڊ ٿي وئي آهي، اسان چاهيون ٿا ته ڪراچي جيان حيدرآباد ۾ به فن ۽ فنڪارن جي ترقي، سهائتا ۽ تربيت لاءِ عملي ڪم ڪيون
ان کان اڳ دي آرٽ ڪائونسل حيدرآباد جي عهديدارن عشرت علي خان، سليم گڊو، وقاردانش ۽ ٻين حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو هو ته سندن تنظيم دي آرٽس ڪائونسل حيدرآباد جون 2016 کان رجسٽرڊ آھي ۽ مختلف ثقافتي تقريبون ۽ پروگرام ڪندي رهي آھي، ڪجهه جعلي تنظيمون نالي لاءِ ٺاهيون ويون آھن جيڪي صرف پئسا ڪمائڻ لاءِ مصروف آهن، تنظيمن جا ماڻھو ثقافت کاتي ۽ مختلف تنظيمن کي ٻنهي هٿن سان لٽي ڦري رهيا آهن، ڪجهه نام نهاد تنظيمون مهراڻ آرٽ ڪائونسل ۾ ديرو ڄمائڻ چاهين ٿيون
واضح رهي ته انو سولنگي به پوسٽ شيئر ڪندي لکيو هو ته آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان حيدرآباد نومبر 2022 ۾ رجسٽرڊ ڪرائڻ لاءِ پيپر جمع ڪيا ويا، جنهن جي پوسٽ ڊسمبر 2022 ۾ فيس بڪ تي شيئر ڪئي وئي، جلد خبر پئي ته ڪجھه ٻيا دوست به رجسٽريشن لاءِ سرگرم ٿي چڪا آھن، ھر ڪنهن کي آزادي آھي ڪير به ڪنهن کي ڪنهن ڪم کان روڪي ته نٿو سگھي، خير مان ۽ آغا ظفر مسلسل محنت ۽ ڪوشش سان پنھنجو ڪم جاري رکندا آياسين ۽ اسان رجسٽريشن جي مرحلن کي منهن ڏيندا رھياسين، ان دوران حيدرآباد جي آرٽسٽن، فنڪارن ۽ قلمڪارن سان ان ڪم بابت صلاح مشورا ڪندا رھياسين، خير سان اسان پنهنجي رجسٽريشن جي مرحلن کي طئي ڪندي ان پوزيشن ۾ اچي ويا آھيون ته آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان حيدرآباد جي ميمبرشپ ڪري سڀني دوستن کي بغير ڪنهن ٻولي، رنگ، نسل جي متڀيد ۽ تضاد جي گڏ کڻي ھلون، ميمبرشپ لاءِ رابطو ڪيو وڃي