پائلٽ مڙس جي گهٽ پگهار هوندي پيار پرڻو ڪيم: ماريه صفدر  

پائلٽ مڙس جي گهٽ پگهار هوندي پيار پرڻو ڪيم: ماريه صفدر  

ڪراچي(ڪلچرل ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪاره ۽ ماڊل ماريه صفدر جو چوڻ آهي ته  منهنجي پائلٽ مڙس جي پگهار گهٽ هوندي مون پيار وچان شادي ڪئي، هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته گهريلو لاڳاپن ۾ مسئلا ان وقت پيدا ٿيندا آهن جڏهن مڙس پنهنجي زال جي آزادي برداشت نٿا ڪن ۽ پنهنجي انا کي رستي ۾ آڻين ٿا. ماريه مطابق جڏهن مڙس جي آمدني سندس زال کان گهٽ هوندي آهي ته هو غير محفوظ محسوس ڪندو آهي، جيڪا ڳالهه لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ پيدا ڪندي آهي. هن چيو ته ڪجهه مرد زال جي آزادي کي به برداشت نٿا ڪري سگهن، اهي محسوس ڪن ٿا ته شايد سندس زال کي هاڻي انهن جي ضرورت ناهي. هن چيو ته مردن کي پنهنجي زالن جون سڀ ذميواريون کڻڻ گهرجن، جڏهن ته زالن کي گهر جون ذميواريون کڻڻ گهرجن، هن چيو ته جيڪڏهن مرد پنهنجي زال جي خواهشن يا خرچن کي پورو نٿو ڪري سگهي، ته زال لاءِ ضروري آهي ته هو پنهنجي روزي پاڻ ڪمائي. واضح رهي ته ماريه صفدر 2022 ۾ ترڪي جي پائلٽ انسٽرڪٽر الياس گوڪچڪ سان شادي ڪئي هئي .