| پائپ لائين مان تيل چوري دهشتگردي آهي يا نه؟ دادو ۾ چوري عام آهي: هاءِ ڪورٽ |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پائپ لائين مان تيل چوري دهشتگردي آهي يا نه؟ تيل چوري ڪيس دهشتگردي جي روڪٿام واري عدالت ۾ موڪلڻ خلاف جوابدارن جي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل، عدالت ٻڌڻي دوران پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته پائيپ لائن مان تيل جي چوري دهشتگردي آهي يا نه؟ جنهن تي جوابدار جي وڪيل چيو ته چوري جي ارادي سان پائپ لائين کي نقصان پهچائڻ دهشتگردي ناهي، رڳو پائيپ لائين ۾ ڌماڪو ڪرڻ دهشتگردي آهي, جيئن بلوچستان ۾ ٿئي ٿو، دادو ۽ شڪارپور ۾ تيل چوري جا ڪيس سيشن ڪورٽ ۾ موڪليا ويا آهن، درخواستگذار چيو ته جڏهن ڪيس ڪراچي ۾ سي ٽي ڊي کي ڏنو ويو ته انهي ڪيس کي خاص عدالت ڏانهن موڪليو ويو، هڪ صوبي ۾ ٻه قانون ڪيئن لاڳو ٿي سگهن ٿا؟ جسٽس اقبال ڪلهوڙي پچاڻو ڪيو ته دادو ۾ تيل چوري جا واقعا به عام آهن، اتي ڪهڙي صورتحال آهي؟ صوبي ۾ تيل چوري جا ڪيترا ڪيس آهن ۽ اهي ڪٿي التوا ۾ آهن؟ جسٽس اقبال ڪلهوڙي وڌيڪ چيو ته سڀني تفصيلن ۽ انهن جي مڪمل پس منظر کي ٻڌايو وڃي ته جيئن عدالت صحيح نتيجي تي پهچي سگهي، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته دهشتگردي جي خاتمي جا قانون 1997 ۾ ۽ تيل چوري جا قانون 2011 ۾ ٺاهيا ويا هئا. جيڪڏهن رياست تيل چوري لاءِ پائيپ لائين کي نقصان پهچائڻ کي دهشتگردي سمجهي ها ته ان کي نئين قانون سازي ۾ شامل ڪري سگهي ها, عدالت پنهنجي آبزرويشن م چيو ته پائپ لائين کي نقصان پهچڻ سان ئي پارڪو جا اوزار نشاندهي ڪري ڇڏيندا آهن, اهڙن معاملن ۾ پارڪو ملازم به شامل هوندا آهن، سرڪاري وڪيل چيو ته تيل چوري دوران پائيپ لائن سان ڇيڙ چاڙ ڪرڻ دوران ڌماڪو به ٿي سگهي ٿو, قومي وسيلن کي نقصان پهچندو آهي ۽ وڏي پيماني تي انساني جانين کي خطرو ٿي سگهي ٿو، جوابدار جي وڪيل چيو ته قانون موجب هي سيشن ڪورٽ جو ڪيس آهي، پر جج جي دلچسپي سبب اهو خاص عدالت ۾ آيو، عدالت جوابدار جي وڪيل کي جج جو نالو وٺڻ کان روڪي ڇڏيو, ياد رهي ته جوابدار حسن علي ۽ ٻين کي مارچ 2025 ۾ ڪورنگي مان تيل چوري ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو, جوابدار هڪ سرنگهه ذريعي پارڪو لائين مان تيل چوري ڪيو۔