پارا چنار تڪرار نبيري لاءِ اڄ وري جرڳو، ڪراچي ۾ 12 ڌرڻا جاري، پوليس چيف احتجاج ختم ڪرائڻ جو اعلان ڪري هٿ کڻي ويو

ڊسمبر 31, 2024

پشاور (م ڊ) ڪرم امن معاهدي ۾ ڊيڊ لاڪ ختم ٿيڻ جو امڪان وڌي ويو، قبائلين کي مسودي تي صحي ڪرڻ لاءِ راضي ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ اڄ ٻيهر جرڳو ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ اميد ڪئي پئي وڃي ته مسئلي جو حل نڪري ايندو، هن وقت تائين ٿيندڙ جرڳن جو قطعي فيصلو ناهي ٿي سگهيو، هڪ ڌر جي اڳواڻن امن معاهدي تي اڃا تائين صحي ناهي ڪئي. واضح رهي ته پشاور کان پاراچنار مرڪزي شاهراهه اڍائي مهينن کان وڌيڪ بند آهي، پارا چنار سميت اپر ڪرم جي ڪيترن ئي ڳوٺن جي ماڻهن کي خوراڪ ۽ دوائن وٺڻ ۾ مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن، پارا چنار پريس ڪلب سميت شهر جي 5 ٻين هنڌن تي متاثرن جو ڌرڻو جاري آهي، هوڏانهن ڪرم جي متاثرن جي يڪجهتي لاءِ ڪراچي، اسلام آباد، لاهور، پشاور، جهنگ، گلگت ۽ مظفرآباد سميت ملڪ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ به ڌرڻا جاري رهيا.

ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) ڪي پي جي ضلعي ڪرُم ۾ ٽل- پارا چنار روڊ بند هجڻ خلاف ڪراچي ۾ 12 ھنڌن تي چئن ڏينهن کان ڌرڻا جاري آھن مذهبي تنظيم جي سڏ تي شاهراهه فيصل تي ناٿا خان وٽ  يونيورسٽي روڊ تي سفاري پارڪ، شاهراهه پاڪستان تي عائشا منزل ۽ انچولي وٽ۔، گلستان جوهر جي ڪامران چورنگي، نارٿ ناظم آباد جي فائيو اسٽار چورنگي، نارٿ ڪراچي جي پاور چورنگي ۽ ابول الحسن اصفهاني روڊ سميت نمائش چورنگي ۽ ٻين ھنڌن تي ڌرڻا جاري آھن  ڌرڻن دوران بدترين ٽريفڪ جام هجڻ سبب شهري ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا آھن  جڏهن ته نمائش چورنگي تي پريس ڪانفرنس ڪندي حسن ظفر نقوي چيو ته پارا چنار ۾ ماڻهو مرن پيا حڪومت واھر نٿي ڪري ـ وزيراعظم  جي ۽ حڪومت جي ذميواري آھي ته ماڻهن جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪري ـ اسانجو احتجاج مظلومن جي ساٿ لاء آھي۔  ھن وقت رڳو ڪراچي ۾ احتجاج ھلن پيا پرامن احتجاج آھي ٽريفڪ لاءِ ھڪ روڊ ھر ھنڌ کليل آھي.  جيڪڏهن  ڪنهن به ھنڌ تان زبردستي ڌرڻو ختم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ان جي ذميواري حڪومت تي ھوندي.  اسان جو پرامن احتجاج  پاران چنار واري احتجاج سان جڙيل آھي ۽ جاري رھندو آھي،  هوڏانهن ڪراچي پوليس چيف طرفان ڌرڻا قانون لاڳو جي زور تي ختم ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو سندس ترجمان ٻن ڪلاڪن ۾ ترديد ڪري ڇڏي، ايڊيشنل آئي جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو چيو ته احتجاج جي نالي تي سڄي شهر کي مفلوج ڪرڻ ٺيڪ ناهي، هن وقت تائين اسان نرمي سان ڳالهيون ڪري رهيا آهيون، ڌرڻي وارن به راضپو ڏيکاريو، مغرب کان اڳ ڪوشش ڪنداسين ته گهٽ ۾ گهٽ روڊ کولرايون، آفيسرن کي هدايتون ڏئي ڇڏيون آهن، اسان سختي ڪنداسين، 3 ڏينهن کان ڪراچي وارن گهڻو ڀوڳيو آهي، هاڻي رياعت نه ڏينداسين، ڳالهه نه مڃڻ واري ڳالهه ناهي، رياستي رٽ قائم ڪنداسين، جنهن سرڪاري ڪم ۾ مداخلت ڪئي، ان خلاف ڪارروائي ڪنداسين. ٻئي طرف ٻن ڪلاڪن بعد پوليس چيف جي ترجمان ترديدي بيان جاري ڪندي چيو آهي ته ايڊيشنل آئي جي جي نالي تي سوشل ميڊيا تي ڌرڻا ختم ڪرائڻ جو بيان هلي رهيو آهي، جيڪو بي بنياد بيان ۽ غلط فهمي جو نتيجو آهي، پوليس چيف جي چوڻ جو مقصد ڌرڻا طاقت جي زور تي ختم ڪرائڻ نه هو، سندس چوڻ هو ته ڌرڻا ايئن هنيا وڃن جو ٽريفڪ جي رواني ۾ رڪاوٽ پيدا نه ٿئي.

Leave A Comment