پارا چنار کان پشاور ڪانواءِ ۾ ويندڙ 200 مسافر گاڏين تي فائرنگ، 39 ڄڻا قتل، 29 زخمي
نومبر 22, 2024
پشاور / اسلام آباد (م ڊ) خيبر پختونخوا جي ضلعي ڪرم ۾ ڪانواءِ ۾ ويندڙ 200 مسافر گاڏين تي فائرنگ ۾ 39 ڄڻا مارجي ويا 29۽ زخمي ٿي پيا. پوليس موجب ڪرم ۾ اوچت جي علائقي ۾ مسافر گاڏين تي هٿياربندن فائرنگ ڪئي، گاڏيون ڪانواءِ ۾ پارا چنار کان پشاور وڃي رهيون هيون ته قافلي ۾ شامل گاڏين تي جبلن تان حملو ڪيو ويو. فائرنگ جي نتيجي ۾ 6 عورتن سميت 39 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته 29 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال نيو ويو ۽ ڪيترن ئي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. سيڪيورٽي اختيارين علائقي جي ناڪابندي ڪري جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي. هوڏانهن صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف ۽ خيبر پختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور واقعي جي مذمت ڪندي جوابدارن جي جلد گرفتاري جون هدايتون جاري ڪيون آهن، ٻئي طرف وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو، دهشتگردي واقعي جي مذمت ۽ افسوس ڪيو ويو، مارجي ويلن جي وارثن لاءِ معاوضي جو پڻ اعلان ڪيو.