پارس شاهه جي قبرڪشائي جي مخالفت ڪئي پئي وڃي: سحر شاهه

جُولاءِ 18, 2023

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ جي ناليواري شاعر ۽ ڪمپيئر سيد ماڪن شاهه رضوي ۽ سندس نياڻي آرٽسٽ سحر شاهه رضوي چيو آهي

 ته پارس شاهه کي ڀٽائي نگر ۾ پنهنجي گهر ۾ قتل ڪيو ويو هو م واقعي بابت گرفتار جوابدار اسرار شاهه ۽ ديدار شاهه ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي پر قتل ڪيس ۾ نامزد فرزانا شاهه ۽ سندس والد غلام نبي شاهه گرفتاري کان اڳ ضمانت ڪرائي ورتي آهي

 ۽ اهي هاڻي پنهنجي اثر رسوخ ذريعي جوابدارن کي بچائڻ چاهين ٿا، هنن چيو ته جوابدار ڌر ملير ڪورٽ ۾ مقتول پٽ پارس جي قبر ڪشائي جي درخواست جي جواب ۾ اعتراض واري درخواست ڏني آهي

 ته قبرڪشائي نه ڪئي وڃي، جيڪڏهن مئجسٽريٽ جي موجودگي ۾ قبرڪشائي ٿي ته پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر شهزاد آرائين جي رپورٽ جو ڀانڊو ڦاٽي پوندو، انهي ڪري جوابدار ڌر قبرڪشائي جي مخالفت ڪري رهي آهي

 هنن چيو ته حيدرآباد جي عدالت اسان کي تحفظ فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ کين جوابدار ڌر مان هر وقت مالي توڙي جاني نقصان جو انديشو آهي جنهن لاءِ پوليس کين تحفظ فراهم ڪري، ڇاڪاڻ ته جوابدارن کين اڳ ۾ به موتمار ڌمڪيون ڏنيون هيون، هنن اميد ظاهر ڪئي ته کين عدالتن مان ئي انصاف جي اميد آهي

Leave A Comment