پارس شاهه جي قبر ڪشائي لاءِ درخواست، حراسان ڪيو پيو وڃي: ڀيڻ صدف

جُولاءِ 11, 2023

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سيشن ڪورٽ ملير ۾ مقتول پارس شاهه جي قبر ڪشائي لاءِ درخواست  ڪئي وئي آهي، مقتول پارس شاهه جو ڀاءُ سلمان شاهه، ڀيڻ صدف شاهه ۽ امڙ عدالت ۾ پيش ٿيا، فاضل جج جي موڪل سبب درخواست جي ٻڌڻي 13 جولاءِ تائين ملتوي ڪئي وئي

هي به پڙهندا

مقتول پارس شاهه جي ڀيڻ صدف شاهه جو چوڻ هو ته جوابدار قبر ڪشائي ڪرڻ نٿا ڏين، جوابدارن قبر ڪشائي جي فيصلي خلاف اپيل داخل ڪئي آهي

هن چيو ته چاهيون ٿا ته قبر ڪشائي  ٿئي جيئن حقيقتون سامهون  اچن، اسان کي مختلف  طريقن سان حراسان ڪيو پيو وڃي ، ڪيس واپس وٺڻ لاءِ اسان  کي تنگ ڪيو پيو وڃي

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته قانوني طور اسان کي پورو حق آھي  ته اسان قبر ڪشائي ڪرايون، ان لاءِ  عدالت سان رابطو ڪيو آھي

8 مھينا اڳ پارس  شاهه جو لاش حيدرآباد ۾  سندس گهر مان هٿ آيو ھو، قتل ڪيس ۾ مقتول جي  گھر واري فرزانه، سندس سھرو  غلام نبي ۽ ٻيا نامزد آهن

Leave A Comment