پارس شاهه جي قتل جو ذميوار ماڪن شاهه ۽ سحر شاهه آهي: بيواهه فرزانه

جُون 27, 2023

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) پارس شاهه جي مبينا قتل جي حوالي سان سندس زال امام زادي عرف فرزانه شاهه ۽ سندس سهري غلام نبي شاهه جو پهريون وڊيو بيان منظر عام تي اچي ويو آهي

وڊيو بيان ۾ پارس جي بيواهه فرزانه شاهه جو چوڻ آهي ته هو مڙس جي قتل ۾ ملوث ناهي، کيس سحر شاهه ۽ صدف شاهه زوري ڦاسائي مڙس کي ملندڙ پينشن ۽ ٻيون مراعتون هڙپ ڪرڻ چاهين ٿيون

هن چيو ته اسرار شاهه سان دوستي ناهي، هو ماسي جو پٽ آهي ۽ هن کيس ٿڃ پيئاري هئي ان ڪري رشتي ۾ اسرار سندس ڀاءُ آهي

فرزانه شاهه چيو ته کائنس معصوم نياڻي ڪشف فاطمه زوري جدا ڪري سندس ڀاءُ ديدار شاهه کي به گرفتار ڪرايو ويو آهي ۽ هو 6 سال پارس سان گڏ هئي، ان دوران کيس ڪجهه نه ٿيو

جڏهن سحر شاهه ۽ ٻين مارڪٽ ڪري سندس مڙس پارس کي گهران بيدخل ڪيو، ان کانپوءِ کيس فون تي اطلاع ڏنو ويو ته پارس هاڻي هن دنيا ۾ ناهي رهيو جنهن ڪري سندس موت جي ذميوار سحر شاهه آهي

هن چيو ته عدت دوران نياڻي لڪائي بعد ۾ اهو چئي والد سان گڏ ڳوٺ تلهار اماڻيو ويو ته ڪشف کي ڏيرياڻي صنم پاڻ سان گڏ دبئي کڻي وئي آهي

پارس جي سهري ۽ فرزانه شاهه جي والد غلام نبي شاهه جو وڊيو بيان ۾ چوڻ آهي ته پارس جي موت جو اطلاع سحر شاهه ڏنو ڇاڪاڻ ته انهن ڏينهن دوران نياڻي فرزانه وٽس ڳوٺ آيل هئي

ن به اها ڳالهه ورجائيندي چيو ته پارس جي موت جا ذميوار ماڪن شاهه وارا پاڻ آهن. عدت دوران نياڻي سان سحر شاهه ۽ ٻين ناروا سلوڪ ڪيو جڏهن عدت ختم ٿي ته کانئس معصوم نياڻي ڪشف فاطمه جدا ڪئي وئي

غلام نبي شاهه وڊيو بيان ۾ اها به دعويٰ ڪئي آهي ته سانگهڙ پوليس جي ڪارروائي کان ڪجهه ڏينهن اڳ پارس جي ڀيڻ سحر شاهه کيس فون ڪري چيو ته هو ساڻس ڪجهه معاملن تي ڳالهائيندي جنهن بعد هو پاڻ ته نه آئي پر سندس ڀاءُ سلمان شاهه ڪجهه ٻيا ماڻهو وٺي تلهار ملڻ لاءِ پهتو ۽ اوطاق تي ساڻس گڏ آيل ماڻهن ٻيهر نياڻي جي سڱ جو سلمان شاهه لاءِ مطالبو ڪيو پر هن انڪار ڪيو جنهن تي کيس گٿا لفظ ڳالهائي چيو ويو ته هاڻي پشتائيندين

هن چيو ته پارس 16هين گريڊ ۾ ملازم هو ان جي پينشن کڻڻ لاءِ ڌيءُ فرزانه کان نياڻي ڪشف ڦري وئي ۽ هاڻي کيس ڪارنهن الزام هڻي قتل ۾ ڦاسايو پيو وڃي پر الله جي لٺ بي آواز آهي ان ڪري سنڌ واسي توڙي قلمڪار سحر شاهه کي مظلوم بڻائڻ بدران سندس نياڻي فرزانه شاهه کي مظلوم قرار ڏين ڇاڪاڻ ته اها بيواهه ٿي آهي ۽ کانئس معصوم نياڻي به جدا ڪئي وئي آهي

غلام نبي شاهه چيو ته سندن پارس جي موت سان ڪو تعلق ناهي ڇاڪاڻ ته ڪير به نه چاهيندو ته ان جي نياڻي بيواهه ٿئي ۽ ڪهڙي ماءُ چاهيندي ته سندس نياڻي يتيم ٿئي

هن چيو ته انهن پوليس وٽ بيان رڪارڊ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر پوليس ڪجهه ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي ۽ انهن گرفتاري بعد ديدار شاهه ۽ اسرار شاهه کي هاف ۽ فل فراءِ جون ڌمڪيون ڏئي تشدد جو نشانو بڻائي ڏوهه باسرايو ۽ کانئن وڊيو بيان به ورتا هئا ان لاءِ آءِ جي سنڌ پوليس معاملي جو نوٽيس وٺي شفاف جاچ ڪرائي ته جيئن حقيقتون سامهون اچڻ بعد ساڻن انصاف ٿي سگهي

Leave A Comment