پارس شاهه قتل ڪيس: بيواهه فرزانه ۽ سندس والد جون ضمانتون رد

جُولاءِ 31, 2023

حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ پارس شاهه قتل ڪيس ۾ گرفتار ٻن جي ضمانت واري درخواست ۽ عبوري ضمانت ڪرائيندڙ ڌيءُ ۽ والد جي پڪي ضمانت لاءِ ڏنل درخواستون رد ڪري ڇڏيون

25 جولاءِ تي عدالت ٻنهي ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو هو, گذريل ڏينهن فرسٽ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج اشفاق مغل جي عدالت پاران فيصلو جاري ڪيو ويو

ٻڌايو پيو وڃي ته پارس شاهه جي بيواهه فرزانه شاهه سندس والد غلام نبي شاهه شروعاتي طور سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي مان حفاظتي ضمانت ڪرائي هئي ۽ بعد ۾ سندن ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ عبوري ضمانت منظور ڪئي جيڪا هاڻي پڪي ڪرڻ بدران سندن عبوري ضمانت رد ڪرڻ جو حڪم ڏنو

گرفتار جوابدار اسرار شاهه ۽ ديدار شاهه پاران به وڪيلن معرفت ضمانت لاءِ درخواستون ڏنيون ويون هيون جيڪي پڻ عدالت رد ڪري ڇڏيون آهن

 سانگهڙ پوليس 17 جولاءِ تي جوابدار اسرار شاهه ۽ 19 جولاءِ تي ديدار شاهه کي گرفتار ڪيو هو جنهن بعد انهن وڪيلن معرفت ضمانت لاءِ درخواستون ڏنيون

 فريادي ڌر پاران فيصلو ٻڌڻ لاءِ پارس جي ڀاءُ سلمان شاھ، ڀيڻ صنم شاھ پنھنجي وڪيل صلاح الدين پنھور معرفت عدالت ۾ پيش ٿيا

Leave A Comment