پارس شاهه قتل ڪيس: جوابدارن جي ضمانتن تي فيصلو محفوظ

جُولاءِ 25, 2023

حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ پارس شاھ قتل ڪيس ۾ گرفتار ۽ عبوري ضمانت

ڪرائيندڙ جوابدارن جي ضمانتن واري درخواست تي دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ شنوائي دوران فريادي ڌر پاران صنم شاھ وڪيل

 صلاح الدين پنهور ۽ فرزانه شاهه، سندس والد غلام نبي شاهه وڪيل طارق شاهه ۽ مير رياض معرفت پيش ٿيا. جوابدار ڌر جي وڪيل ٻڌايو ته انهن پنهنجا دليل مڪمل ڪري ڇڏيا هئا

 فريادي ڌر جي وڪيل پاران دليل ڏيڻ دوران انهن به رهيل دليل ڏنا آهن. وڪيلن موجب ته اسرار شاهه ۽ ديدار شاهه ته گرفتار آهن پر پارس جي بيواهه مسمات امام زادي عرف فرزانه ۽ والد غلام نبي شاهه عبوري ضمانت ڪرائي هئي

 فريادي ڌر جي وڪيل به تصديق ڪئي ته انهن به پنهنجا دليل مڪمل ڪيا آهن ۽ ٻنهي ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد عدالت فيصلو محفوظ ڪندي 31 جولاءِ تائين شنوائي ملتوي ڪري ڇڏي آهي

عدالت ٻاهران ڳالهائيندي پارس جي ڀيڻ صنم شاهه چيو ته دليل مڪمل ٿيا آهن پر عدالت اڃا فيصلو ناهي ٻڌايو. کين ڌمڪيون ڏئي حراسان ڪيو پيو وڃي جنهن ڪري 9 مهينن کان لاڳيتو ذهني اذيت ۾ مبتلا هئڻ باوجود انهن همت ناهي هاري

کين عدالتن مان انصاف جي اميد آهي.  پارس جي بيواهه چيو ته سندس توڙي والد، ڀاءُ ۽ ويجهي مائٽ جو مڙس جي قتل سان ڪو به تعلق نه آهي پر سحر شاهه ۽ سندس خاندان ڪوڙا الزام هڻي ڪيس ۾ ڦاسائي رهيو آهي

 ته جيئن هو سندس نياڻي ڪشف فاطمه ۽ پارس کي ملندڙ مراعتن تي قابض ٿي سگهن. هنن چيو ته کيس عدالتن مان انصاف جي اميد آهي ۽ فتح سچ جي ٿيندي

Leave A Comment