پارس شاهه قتل ڪيس جي جوابدار ڏوهه مڃي ورتو

مَي 18, 2023

حيدرآباد(بيورو رپورٽ)سانگهڙ پوليس پاران گرفتار جوابدار اسرار شاهه پارس شاهه کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪري ورتو آهي سندس چوڻ آهي ته پارس جي زال فرزانه ۽ ڀاءِ ديدار شاھ جي چوڻ تي قتل ڪيو

سانگهڙ پوليس پارس شاھ قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار اسرار شاهه کي حيدرآباد جي سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 9 جي عدالت ۾ رمانڊ لاءِ پيش ڪيو ويو آهي

عدالت آڏو ڏوهه جو اعتراف ڪندي جوابدار اسرار شاهه چيو ته پارس جي زال فرزانه ۽ ان جي ڀاءِ دیدار شاھ جي چوڻ تي هن قتل کيس مٿي ۾ ڌڪ هڻي قتل ڪيو

واضح رهي ته سحر شاھ رضوي جي ڀاءُ پارس شاھ جو 7 مھينا اڳ پنھنجي قاسم آباد جي ڀٽائي ٽائون واري گھر مان 3 ڏينهن پراڻو لاش مليو هو

ان موقعي تي ڀٽائي نگر پوليس جو چوڻ هو ته آءِ جي سنڌ پوليس پوليس غلام نبي ميمڻ ڄاڻايل جاچ ايس ايس پي سانگھڙ بشير احمد بروھي حوالي ڪئي هئي انڪري هاڻي اسان جو جاچ سان ڪو تعلق ناهي

Leave A Comment