پارس شاهه قتل ڪيس: ملڪيت يا دوستي جو چڪر؟ زال والد سوڌو غائب: اهم انڪشاف

جُون 11, 2023

حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) ريڊيو ڪمپيئر سيد ماڪن شاهه جي پٽ پارس شاهه جي قتل ڪيس ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون آيا آهن، پارس جي گهرواري پنهنجي والد سوڌو گم آهي

8 مهينا اڳ پارس شاهه جو قاسم آباد جي ڀٽائي ٽائون واري گهر مان لاش مليو هو، ڀٽائي نگر پوليس سندس ڀاءُ سلمان شاهه جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو هو، ڪيس جي 2 ڀيرا جاچ ڪري حيدرآباد پوليس پارس جي موت کي طبعي قرار ڏنو هو هاڻ ان ڪيس ۾ ملڪيت ۽ دوستي جي چڪر واريون ڳالهيون به سامهون آيون آهن

سانگهڙ پوليس پاران پارس قتل ڪيس ۾ مک جوابدار ڄاڻائي ماتلي واسي اسرار شاهه کي گرفتار ڪرڻ واري دعويٰ به ڪوڙي ثابت ٿي آهي، ڪيس ۾ جوابدار طور گرفتار اسرار شاهه جي ڀاءُ اظهار شاهه ”پنهنجي اخبار“ سان ڳالهائيندي چيو ته 15 مئي تي سانگهڙ پوليس اسرار جو نمبر ٽريس ڪري گرفتاري لاءِ حيدرآباد ڀرسان ٽنڊو فضل پهتي پر هو اتان نڪري چڪو هو، جنهن بعد ٻئي ڏينهن ڀاءُ کي ٽنڊو فضل واسي سيد شاهه محمد شاهه معرفت انهن پاڻ بيان لاءِ سيري ٿاڻي جي ايس ايچ او جي موجودگي ۾ کيس سانگهڙ پوليس حوالي ڪيو

اظهار شاهه چيو ته ڀاءُ اسرار تي پوليس وحشياڻو تشدد ڪري زوري کائنس اعترافي وڊيو بيان وٺي ڏوهه باسرايو آهي، هن جو پارس واري موت سان ڪو به تعلق نه آهي، ڇاڪاڻ ته واقعي واري ڏينهن دوران اسرار شاهه کي ڀٽائي نگر پوليس به جاچ لاءِ گهرايو ۽ 5 ڏينهن تحويل ۾ رکي جاچ بعد کيس بيڏوهي قرار ڏئي آزاد ڪيو هو،  ٻيو ڀيرو ڪيس جي جاچ دوران ڊي ايس پي سراج احمد لاشاري به ڀاءُ کي جاچ لاءِ گهرايو ۽ هو پاڻ به ماتلي آيو هو پر ڀاءُ کي ان به جاچ دوران بيڏوهي قرار ڏنو

فريادي ڌر پاران پارس جي زال کي ڦاسائڻ لاءِ دوستي وارا تعلقات ظاهر

پارس شاهه قتل ڪيس ۾ گرفتار اسرار شاهه جي ڀاءُ اظهار شاهه چيو آهي ته منهنجو ڀاءُ اسرار بيگناهه آهي، پوليس به جاچ ڪري کيس بيڏوهي قرار ڏئي چڪي آهي،  پر فريادي ڌر پارس جي زال فرزانه شاهه کي ڦاسائڻ لاءِ ڀاءُ سان دوستي وارا تعلقات ظاهر ڪري ڪيس ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي، ان ڪري معاملي جي اڻڌري جاچ ٿيڻ گهرجي

پارس جو طبعي موت هو، ملڪيت زال ۽ نياڻي جي نالي هئڻ ڪري قتل قرار ڏنو ويو

ذريعن جو چوڻ آهي ته پارس شاهه جو موت طبعي هو پر سندس ملڪيت زال امام زادي عرف فرزانه شاهه ۽ نياڻي ڪشف فاطمه ڏانهن منتقل ٿيڻ سبب معاملي کي قتل  قرار ڏنو پيو وڃي ته جيئن سندس سموري ملڪيت وارثن وٽ موجود رهي

پارس شاهه جي گهرواري فرزانه شاهه والد سوڌو گم

ذريعن اهو به انڪشاف ڪيو آهي ته پارس شاهه جي زال امام زادي عرف فرزانه شاهه پنهنجي ڀاءُ ديدار شاهه جي گرفتاري بعد والد غلام نبي شاهه سميت لاڳيتو گم آهي

پارس جو 8 مهينا اڳ گهر مان لاش مليو، ڀاءُ ڪيس داخل ڪرايو هو

پارس شاهه جو 8 مهينا اڳ قاسم آباد جي ڀٽائي ٽائون واري گهر مان لاش مليو هو، ڀٽائي نگر پوليس سندس ڀاءُ سلمان شاهه جي فرياد تي اڻڄاتل ماڻهن خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي هئي

ڪيس جي 2 ڀيرا جاچ ڪري حيدرآباد پوليس پارس جي موت کي طبعي قرار ڏنو جڏهن ته فريادي ڌر پوليس جي جاچ تي خدشا ظاهر ڪندي آءِ جي سنڌ کان ڪيس جي ٽيهر جاچ جو مطالبو ڪيو

وارثن جي مطالبي تي آءِ جي سنڌ پوليس اها جاچ سانگهڙ جي اڳوڻي ايس ايس پي بشير بروهي حوالي ڪئي. 17 مئي تي سانگهڙ پوليس ڊرامائي انداز ۾ ماتلي سان تعلق رکندڙ ڊرائيور اسرار شاهه جي گرفتاري ظاهر ڪندي کيس پارس جي قتل جو مک جوابدار ظاهر ڪيو ۽ رمانڊ لاءِ ٻئي ڏينهن حيدرآباد جي عدالت ۾ پيش ڪيو. اهڙي ريت پوليس پارس شاهه جي سالي ديدار شاهه کي 19 مئي تي تلهار مان گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي

لاڳاپيل پوسٽون

  • ايران جو صبح سوير اسرائيل تي وڏو حملو ، 100 کان وڌيڪ ميزائل فائر، 14 اسرائيلي مارجي ويا ۽ 380 زخمي ٿيا

  • ساڍا 4 سئو پاڪستاني وطن واپس

  • ايران جو وڏو جواب، اسرائيل مٿان 50 ميزائل فائر

  • ڀارت، پاڻيءَ کي هٿيار طور استعمال ڪري پيو: بلاول