حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي عدالت پارس شاھ قتل ڪيس ۾ ڪچو چالان پيش نه ڪرڻ تي جاچ آفيسر کي آخري مهلت ڏيندي شنوائي 29 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.
سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 9 جي عدالت ۾ شنوائي ٿي. پوليس گرفتار جوابدار اسرار شاهه ۽ ديدار شاهه کي عدالت ۾ پيش ڪيو.
جوابدارن جي وڪيلن طارق شاهه ۽ خادم حسين لغاري عدالت کي آگاهي ڏني ته هڪ ڏينهن اڳ شنوائي تي جاچ آفيسر پيش نه ٿيو جنهن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي ڪچو چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو پر هن چالان پيش ناهي ڪيو.
عدالت جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان عدالتي حڪم باوجود چالان پيش ڇو ناهي ڪيو. رڳو هر ڀيري مهلت گهرڻ لاءِ عدالت ۾ اچو ٿا. جاچ آفيسر آگاهي ڏني ته ڪيس ۾ اڃا 2 جوابدار روپوش آهن.
سندن ڪوشش آهي ته انهن کي گرفتار ڪرڻ بعد چالان پيش ڪيو وڃي ان لاءِ کين مهلت ڏني وڃي. وڪيلن عدالت کي اها به آگاهي ڏني ته اسرار شاهه ۽ ديدار شاهه کي تشدد جو نشانو بڻائي کانئن اعترافي بيان ورتا ويا.
اڃا تائين ديدار شاهه جي والده حسنا شاهه سميت کنڀيل 2 ڄڻن کي پوليس ظاهر ناهي ڪيو. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد جاچ آفيسر کي ڏنل شوڪاز برقرار رکندي کيس حڪم ڏنو ته ايندڙ شنوائي تي چالان هر صورت ۾ پيش ڪيو وڃي.