حيدرآباد (رپورٽر) پارس شاهه قتل ڪيس ۾ روپوش ڄاڻايل پارس شاهه جي زال امام زادي ۽ سهري غلام نبي شاهه جي حفاظتي ضمانت منظور ٿي وئي آهي
مسمات امام زادي ۽ سندس والد غلام نبي شاهه وڪيل اياز علي چانڊيو معرفت ضمانت لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي سان رابطو ڪيو هو
جسٽس صلاح الدين پنهور تي مشتمل سنگل بئنچ وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد ٻنهي ڄڻن جي 5-50 هزار رپين عيوض حفاظتي ضمانت منظور ڪرڻ جو حڪم ڏنو