پارس شاهه ڪيس:هيومن رائيٽ سيل انچارج جي ڳالهه ٻولهه واري وڊيو وائرل

آڪٽوبر 19, 2023

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ايس ايس پي آفيس ۾ قائم  هيومن رائٽس سيل جي انچارج ماريه ساريو جي پارس شاهه قتل ڪيس بابت عورت سان ٿيل ڳالهه ٻولهه واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آهي

 وڊيو ۾ ماريو ساريو کي انگلش ۾ اڻڄاتل عورت سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڏسي سگهجي ٿو

 وڊيو بابت سحر شاهه به سوشل ميڊيا تي پوسٽ جاري ڪندي الزام هنيا آهن ته پنهنجي والده جي مٿي جا وار ڪوڙي کيس گهران بيدخل ڪندڙ نافرمان ماريه ساريو حيدرآباد پوليس جي خاص ڪارڪن آهي ۽ جونيئر ڪلارڪ نشي جي حالت ۾ وڊيو ٺاهي سندس ڀاءُ جي ڪيس بابت انگريزي ۾ ماڻهن سان ڄاڻ ونڊي آهي

 هن چيو ته هو مرحوم ڀاءُ پارس جي ڪردار ڪشي ڪرڻ بدران سندس ئي ظلم جو شڪار پنهنجي ماءُ بابت به ڪا وڊيو ٺاهي وائرل ڪري

سحر شاهه اهو به الزام هنيو آهي ته ماريه ساريو جي اها وڊيو ٺاهيندڙ عورت به پوليس عملدارن کي تمام گهڻو ويجهو آهي جنهن پهرين ڏينهن کان ئي سندس ڀاءُ جي قتل جي حوالي سان مختلف قسم جون ڳالهيون ڪيون ۽ سندن مذاق به اڏايو

 هن چيو ته ڄاڻايل ظلم ڪري ساڻس نفرت جو اظهار ڪيو پيو وڃي پر ڀاءُ جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي سپورٽ ڪرڻ سان گڏ پارس جي قتل ڪيس کي خراب ڪرڻ جون سازشون سٽيندڙن جا وٽس سمورا ثبوت موجود آهن

Leave A Comment