حيدرآباد(رپورٽ: امتياز کوسو)حيدرآباد جي عدالت پارس شاه ڪيس ۾ گرفتار جوابدار اسرار شاه ۽ ديدار شاه جي پڪي ميڊيڪل رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي
حيدرآباد جي سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 9 جي عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، شنوائي دوران جيل مان پوليس گرفتار جوابدار اسرار شاهه ۽ ديدار شاهه کي پيش ڪيو، عبوري ضمانت ملڻ بعد پارس جي بيواهه ۽ سهرو به عدالت ۾ پيش ٿيا
جاچ آفيسر اڃا تائين چالان پيش ناهي ڪيو جڏهن ته ميڊيڪو ليگل شعبي پاران ديدار ۽ اسرار شاهه تي ٿيل پوليس تشدد بابت رپورٽ واٽس ايپ ذريعي اماڻي وئي آهي
فريادي ڌر جو وڪيل ٻي ڪورٽ ۾ مصروف هئڻ سبب پيش نه ٿيو سندس جونيئر وڪيل پاران درخواست جمع ڪرائي وئي
عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد جاچ آفيسر کي چالان پيش ڪرڻ ۽ سول اسپتال جي انتظاميا کي جوابدارن تي پوليس تشدد بابت رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي شنوائي 14 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي