پارس شاهه ڪيس: عائشه ڌاريجو ۽ شيرين کوکر سانگهڙ ٿاڻي طلب

جُولاءِ 6, 2023

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پارس شاهه قتل ڪيس، سهائي سٿ جي سربراهه عائشه ڌاريجو ۽ شيرين اعجازکوکر  سميت 4 ڄڻن کي جوابدارن سان ملڻ مهانگو پئجي ويو، انڪوائري آفيسرعائشه ڌاريجو ۽ شيرين اعجازکوکر  سميت 4 ڄڻن کي مختلف تاريخن تي بيانن لاءِ طلب ڪري ورتو

نوٽيس جي متن موجب اوهان پارس شاهه ڪيس ۾ گھربل جوابدارن غلام نبي شاهه ۽ امامزادي عرف فرزانه سان ملي سندن سهولتڪاري ڪري رهيا آهيو، اوهان جوابدارن کي قانوني ڪارروائي کان بچائي ڪيس جي هلندڙ جاچ تي اثر انداز ٿي رهيا آهيو، جيڪو قانوني ڏوهه آهي

جاچ آفيسر پاران اماڻيل نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته  اوهان قلم سي آر پي سي 42 تحت پوليس جي مدد ڪرڻ جا پابند آهيو، اوهان سانگھڙ ٿاڻي پهچي بيان رڪارڊ ڪرايو، ٻي صورت ۾ اوهان کي ڪيس ۾ جاچ ۾ شامل ڪيو ويندو

هي به پڙهندا

 

ٻئي طرف ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ پارس شاھ قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي شنوائي 15 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي

فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ شنوائي دوران فريادي ڌر پاران سلمان شاھ، سحر شاھ، سندن والد ماڪن شاھ وڪيل صلاح الدين پنهور معرفت پيش ٿيا، جوابدار ڌر جو هڪ وڪيل خادم لغاري پيش ٿيو جڏهن ته  هڪ وڪيل طارق شاهه پيش نه ٿيو

ٻنهي ڌرين جي وڪيلن پاران عدالت کان مهلت طلب ڪئي وئي جنهن تي عدالت شنوائي 10 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪرڻ جو حڪم ڏنو، فريادي ڌر جي وڪيل شنوائي بابت ٻڌايو ته جوابدار ڌر مان وڪيل پيش نه ٿيا ان ڪري عدالت شنوائي ملتوي ڪئي

هوڏانهن سحر شاهه شنوائي بعد صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته انهن 8 مھينن کان ڀاءُ پارس جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ جدوجهد ڪئي، هاڻي جڏهن جوابدار گرفتار ٿيا آهن ته ڪجهه ماڻهو انهن سان ملي سوشل ميڊيا تي سندس ڪردارڪشي پيا ڪن

هن چيو ته سندس ڀاءُ پارس کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو جنهن جو اعتراف ڪندي گرفتار ٻنهي جوابدارن جي گهران سانگهڙ پوليس کي پارس جي گهر مان چوري ٿيل سون ۽ ٻيو سامان به مليو آهي

سحر شاهه چيو ته مخالف ڌر پارس جي ملڪيت ڦٻائي سندس نياڻي کي زوري پاڻ وٽ ترسائڻ توڙي ڀاءُ جي شادي وارا الزام هڻي رهي آهي جيڪي بي بنياد آهن ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن سندن ڀاڄائي فرزانه شاهه يا ان جي والد غلام نبي شاهه وٽ اهڙي قسم جا ثبوت آهن ته اهي عدالت ۾ پيش ٿي ٽرائل کي منهن ڏين

 سندس چوڻ هو ته سوشل ميڊيا تي ڪردارڪشي ڪندڙن خلاف هن ايف آءِ اي سميت لاڳاپيل ادارن کي درخواستون ڏنيون آهن، کيس عدالتن مان انصاف جي اميد آھي جڏهن ته جلد سانگهڙ پوليس به ڪيس ۾ روپوش جوابدار غلام نبي شاهه ۽ فرزانه شاهه کي به گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪندي

Leave A Comment