پارس شاهه ڪيس ۾ ڌريون 25 جولاءِ تي طلب، قاتل قبر ڪشائي روڪرائڻ چاهين ٿا: صنم شاهه

جُولاءِ 21, 2023

ملير (رپورٽر) پارس شاهه قتل ڪيس وارو معاملو ، سول جج جوڊيشل مجسٽريٽ 4 انعم ايوب جي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي

ميجسٽريٽ انعم ايوب چيو ته قبرڪشائي جي درخواست تي جلد فيصلو ڪيو ويندو، عدالت ٻنهي ڌرين کي 25جولاءِ تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي

صنم شاهه چيو ته قبرڪشائي روڪڻ لاءِ ملير جي عدالت ۾ مخالف ڌر طرفان ڏنل درخواستون حقيقتن تي پردو رکڻ جي ڪوشش ۽ قاتلن کي بچائڻ جي سازش آھي

هاڻ قاتل خوف ۾  وٺجي ويا آھن مختلف طريقن سان حربا استعمال ڪرڻ لڳا آھن، اسان پنهنجي ڀاءُ جي خون جي انصاف تائين قاتلن کي سزا ڏيارڻ تائين جدوجهد ڪنداسين

Leave A Comment