پارلياماني عهدن تي پي ٽي آءِ ۾ اختلاف: 21 ميمبرن پاران ڌار گروپ ٺاهڻ ۽ استعيفائن جو اشارو

جُون 27, 2024

اسلام آباد (م ڊ) سني اتحاد ڪائونسل ۾ شامل پاڪستان تحريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽي ۾ اختلاف سامهون اچي ويا، ذريعن موجب شهريار آفريدي جي استعيفا واري بيان بعد 27 کان وڌيڪ ميمبرن استعيفائن تي مشاورت ڪئي، شاندانه گلزار ۽ شير افضل مروت سميت ڪيترن ئي ميمبرن پارٽي قيادت جي نا اهلي خلاف احتجاج به ڪيو، ذريعن موجب پي ٽي آءِ اسيمبلي ميمبرن اختلافن جي ڪري پارلياماني پارٽي اجلاسن ۾ شرڪت کان انڪار ڪيو ۽ اڳواڻن شڪايت ڪئي ته سينيٽ ۾ پارلياماني ليڊر ۽ قومي اسيمبلي ۾ سينئر قيادت ڪاميٽين لاءِ ڪمپرومائيزڊ آهي، ذريعن موجب ميمبرن جو موقف آهي ته عمران ۽ اڳواڻن جي آزادي بدران قيادت عهدن لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، ذريعن موجب 21 اسيمبلي ميمبرن ڌار گروپ ٺاهڻ جو اشارو ڏنو آهي، پارٽي چيئرمين بئرسٽر گوهر ۽ سيڪريٽري عمر ايوب کي سنجيده ڪوششون ڪرڻ جو پيغام ڏنو آهي، نجي ٽي وي چينل جيو نيوز سان ڳالهائيندي قومي اسيمبلي ميمبر شاندانه گلزار چيو ته جيڪڏهن عمران کي آزاد نٿا ڪرائي سگهون ته بهتر آهي استعيفا ڏئي ڇڏيون، اسان هتي ڊيسڪ وڄائي رهيا آهيون ڪاميٽي ڪاميٽي کيڏي رهيا آهيون ان کان بهتر آهي ته گهر ويهي رهون، شهريار آفريدي استعيفا جو چيو ته مون به ڌمڪي ڏني ته اسان به استعيفا ڏينداسين، ڪور ڪاميٽي ۾ اسان مان ڪير به ناهي، سياسي ڪاميٽي ۾ شڪي ڪردار آهن، جيڪي 9مئي بعد غائب رهيا، شهريار آفريدي بعد شير افضل مروت به چيو ته استعيفا ڏئي رهيو آهيان.

Leave A Comment