| پارلياماني ميمبرن کي گهروارن جي اثاثن جا گوشوار جمع ڪرائڻ جي هدايت |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن کي پنهنجا، پنهنجي گهر واري ۽ زير ڪفالت ٻارن جا اثاثا ۽ ذميوارين جا گوشوارا 31 ڊسمبر 2026ع تائين لازمي طور جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي.اليڪشن ڪميشن موجب سڀئي ميمبر مقرر ڪيل فارم بي تي تفصيل جمع ڪرائڻ جا پابند آهن. اليڪشن ايڪٽ 2017 جي سيڪشن 137 تحت گوشوارا جمع نه ڪرائيندڙ ميمبرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. جيڪي ميمبر مقرر وقت تائين گوشوارا جمع نه ڪرائيندا، انهن جا نالا پهرين جنوري تي عوام آڏو جاري ڪيا ويندا، جڏهن ته 15 جنوري تائين به گوشوارا جمع نه ڪرائيندڙ ميمبرن جي ميمبر شپ معطل ڪئي ويندي. اليڪشن ڪميشن واضح ڪيو آهي ته معطل ٿيل ميمبر گوشوارا جمع ڪرائڻ تائين پارليامينٽ يا صوبائي اسيمبلي جي ڪنهن به ڪارروائي ۾ حصو نه وٺي سگهندا. اثاثن جي گوشوارن ۾ غلط يا گمراهه ڪندڙ معلومات ڏيڻ تي بدعنواني تحت ڪارروائي ڪئي ويندي، ۽ اهڙي معلومات ثابت ٿيڻ جي صورت ۾ اليڪشن ڪميشن کي 120 ڏينهن اندر قانوني قدم کڻڻ جو اختيار حاصل هوندو.