پارليامينٽيرينز جي پگهارن ۽ مراعتن ۾ اضافي جو بل قومي اسيمبلي مان به منظور: اپوزيشن جو احتجاج
فيبروري 12, 2025
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي پي ٽي آءِ جي شديد احتجاج دوران پارليمينٽ جي پگهارن ۽ مراعتن ۾ اضافي جو بل اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو. مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب خان هڪ ڀيرو ٻيهر ڳالهين کان انڪار ڪندي اڳوڻي آرمي چيف جنرل رٽائرڊ قمر جاويد باوجوه تي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي اليڪشن ۾ استعمال کي روڪڻ جو وڏو الزام تي الزام لڳائي ڇڏيو. قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو. اسپيڪر اياز صادق ڪيترن ئي ڏينهن کان پوءِ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب کي پوائنٽ آف آڊر تي ڳالهائڻ جي اجازت اهو چئي ڏني ته اڄ خانگي ڪارروائي جو ڏينهن آهي ۽ سوالن وار ووقفو ناهي. ان لاءِ اڄ مخالف ڌر جي اڳواڻ کي پوائنٽ آف آڊر تي اجلاس جي شروعات ۾ ئي ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو پيو وڃي. اپوزيشن ليڊر عمر ايوب خان حڪومت جي پوزيشن خلاف انتقامي ڪاررواين تي شديد تنقيد ڪندي چيو ته اهڙين حالتن ۾ جڏهن اسان جي ميمبرن جا پروڊڪشن آرڊر جاري ٿيندا آهن ته اُن تي عمل درآمد ناهي ٿيندو يا پوءِ جاري ئي ناهن ٿيندا. ڪيئن ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون. عمر ايوب خان اڳوڻي آرمي چيف قمر جاويد باوجوه تي تمام گهڻو سنگين الزام لڳائيندي چيو ته جنرل ر قمر جاويد باجوه اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو اليڪشن ۾ استعمال ٿيڻ نه ڏنو ته جئين فارم 47 جي حڪومت آڻي سگهجي. اسپيڪر اياز صادق قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ کي اپوزيشن ليڊر جي اُٿاريل نقطن تي جواب ڏيڻ جو موقعو ڏنو ته پي ٽي آءِ ميمبر پنهنجي سيٽن تي اُٿي بيهي رهيا ۽ ڊيسڪ وڃائي نعريبازي شروع ڪري ڏني . مخالف ڌر جي ميمبرن ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي اُڇلايون ۽ پلي ڪارڊ کڻي احتجاج ڪندي آزاد ڪريو آزاد ڪريو عمران خان کي آزاد ڪريو ۽ ڪرندڙ ديوار کي هڪ ڌڪ ٻيو ڏيو جا نعره لڳائيندا رهيا. سخت گوڙ، هنگامي ۽ نعري بازي دوران موسمي تبديلي بابت معاون خصوصي رومينه خورشيد عالم پارليمينٽ جي ميمبرن جي پگهارن ۽ مراعتن جو ترميمي بل 2025ع منظوري لاءِ پيش ڪيو جنهن کي اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو. بل جي مطابق قومي اسيمبلي ۽ سينٽ جي فنانس ڪسميٽين کي پنهنجي پنهنجي ميمبرن جون پگهارون ۽ مراعتون طئي ڪرڻ جو اختيار هوندو. اهو بل سينيٽ اڳ ئي منظور ڪيو آھي سينيٽ بعد قومي اسيمبلي پاران بل کي ترميم سان گڏ منظور ڪرڻ تي ان بل کي سينيٽ ۾ ٻيهر پيش ڪيو ويندو، پي ٽي آءِ ميمبرن بل جي منظوري تي شور ڪيو ته اسپيڪر انهن کي چيو ته جيڪڏهن هو وڌيل پگهار نٿا وٺڻ چاهين ته اُهي لکي ڏين انهن 2024ع ۾ به پگهارون ورتيون هيون. جي يو آءِ ميمبر نور عالم خان پارليمينٽ جي ميمبرن سان گڏ پارليمينٽ جي ملازمن جون پگهارون به وڌائڻ جو مطالبو ڪيو.