قانونسازي تي چارج شيٽ لفظ استعمال نه ٿيڻ گهرجي:جسٽس فائز

آڪٽوبر 11, 2023

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اٽارني جنرل 184 ٿري تحت ڪيسن ۽ ان جي نتيجن جا تفصيل بيان ڪيا، اٽارني جنرل چيو ته سپريم ڪورٽ جي سوموٽو سان هيل تائين اسٽيل ملز کي نقصان 30 جون 2022ع تائين 206 ارب جو ٿي چڪو آهي

 چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته اوهان چئي رهيا آهيو ته سپريم ڪورٽ جي ايڪشن سان اهو سڀ ٿيو، جسٽس مظاهر چيو ته سپريم ڪورٽ خلاف چارج شيٽ نه ٿيڻ گهرجي جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اسان سچ ٻڌڻ کان ڇو ڊڄندا آهيون

جسٽس مظاهر نقوي چيو ته هن ڪارروائي کي سپريم ڪورٽ خلاف چارج شيٽ نٿو بڻائي سگهجي، جسٽس منيب چيو ته موجوده ڪيس جو اسٽيل ملز سان ڪهڙو تعلق آهي؟ جسٽس شاهد وحيد سوال ڪيو ته ڇا اوهان مولوي تميز الدين کان حديبيه تائين سپريم ڪورٽ کي چارج شيٽ ڪرڻ چاهيو ٿا؟

چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته اسان ۾ تنقيد ٻڌڻ جو حوصلو هجڻ گهرجي، جسٽس منيب چيو ته عدالتن جا ڪهڙا فيصلا درست ۽ ڪهڙا غلط هئا ان تي ماڻهو ڳالهائيندا رهندا آهن، اوهان جو ليڪچر ٻڌڻ لاءِ ناهيون ويٺا، ماضي جي فيصلن جو مطلب اهو ناهي ته پارليامينٽ کي مداخلت جو اختيار ملي ويو

چيف جسٽس چيو ته اسان تنقيد ٻڌڻ کان گهٻرائيندا ڇو آهيون؟ مون کي آئينو ڏيکاريو مون کي ڪو به مسئلو ناهي، دليلن جي حد تائين اٽارني جنرل کي ڳالهائڻ ڏيو، پارليامينٽ جي قانونسازي تي چارج شيٽ جو لفظ استعمال نه ٿيڻ گهرجي، جج کان وڌيڪ عرصو وڪيل رهيو آهيان، ججن کي سٺو لڳي يا خراب وڪيل پنهنجي موجب دليل جاري رکندو آهي

 اٽارني جنرل دليلن ۾ چيو ته آئين ۾ ماسٽر آف روسٽر جو لفظ استعمال ناهي ٿيو، چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ماسٽر آف روسٽر جو لفظ دنيا ۾ سڀ کان پهريان ڪٿي استعمال ٿيو ڇا انگلستان يا آمريڪا ۾ ماسٽر آف روسٽر جو لفظ استعمال ٿيندو آهي يا اسان جي ايجاد آهي؟

جسٽس منصور علي شاهه چيو ته ماسٽر آف روسٽر جو لفظ اسان اسڪول ۾ ٻڌندا هئاسين، اٽارني جنرل چيو ته فل ڪورٽ ويٺي آهي اها ان حوالي سان تعين ڪري، چيف جسٽس چيو ته اسلام ۾ ماسٽر آف روسٽر جو ڪوئي تصور موجود آهي؟ جيڪڏهن ڪالونيل سسٽم تي هلڻو آهي ته آزادي وٺڻ جو ڪهڙو فائدو آهي ماسٽر ته صرف الله تعاليٰ جي ذات آهي

 جسٽس منيب اختر چيو ته ماسٽر آف روسٽر اهو ئي ڪم ڪندي جيڪو چيف جسٽس ڪندو آهي، ڇا ڪالونيل آهي ڇا نه ان بحث ۾ نه وڃو، هڪ جج کي اختيار ناهي ڏيڻو ته ٽن کي ڇو؟ 14ججز کي هڪ جج جي رحم ڪرم تي نٿو ڇڏي سگهجي ته 12 کي ٽن تي ڪيئن ڇڏي سگهجي ٿو؟ جيڪڏهن ماضي ۾ ڪنهن چيف جسٽس اختيار فل ڪورٽ کي ناهي ڏنو ته اوهان ڏئي ڇڏيو.

جسٽس يحيٰ آفريدي سوال ڪيو ته قانونسازي جو اصل مقصد آرٽيڪل 184 ٿري جو هو، جيڪو مسئلو هو ان کي ٺيڪ ڪيو ها پوري سسٽم کي ڇو هيٺ مٿي ڪيو ويو؟ سپريم ڪورٽ پورو ادارو ٽائيٽينڪ آهي هڪدم هيڏانهن هوڏانهن موڙي سگهجي ٿو؟ غلطيون جيڪڏهن عدالت کان ٿيون آهن ته پارليامينٽ پنهنجي طرف به ڏسي

Leave A Comment