اسلام آباد(بيورو رپورٽ) چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته پارليامينٽ سٺي نيت سان قانونسازي ڪئي آهي، سپريم ڪورٽ آئين کان مٿانهان رولز ٺاهيندي ته ڪير ته اهو ياد ڏياريندو ته آئين جي دائري ۾ رهو
چيف جسٽس جي سربراهي ۾ فل ڪورٽ بينچ پاران سُپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪيس تي ٻڌڻي ٿي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ڪو مريض مري رهيو هجي ته ڇا ميڊيڪل جي سمجهه رکندڙ رڳو ان لاءِ مريض کي مرڻ ڏئي ته هو ڊاڪٽر ناهي
هن چيو ته پارليامينٽ کي چئون ٿا نمبر گيم پوري هجڻ گهرجي پر هڪ ماڻهو اچِي پارليامينٽ کي رٻڙ اسٽيمپ بڻائي ڇڏيندو آهي، جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته هن ڪيس ۾ سوال سٺي يا خراب، صحيح يا غلط قانون جو نه پر اختيار جو آهي، ائين نٿو ٿي سگهي ته قانونسازي صحيح آهي ته ٺيڪ، غلط آهي ته ڪالعدم ٿي وڃي
سندس چوڻ هو ته آئين ائين نٿو هلي سگهي، رڳو اهو ٻڌايو ته پارليامينٽ وٽ سُپريم ڪورٽ جا رولز ٺاهڻ جو اختيار آهي يا نه، جسٽس اطهر من الله چيو ته جيڪڏهن سُپريم ڪورٽ انصاف تائين پهچ واري حق جي ڀڃڪڙي ڪندي هجي ته ڇا پارليامينٽ مداخلت نٿي ڪري سگهي؟
جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته پارليامينٽ رولز نه ٿي ٺاهي سگهي ۽ نه وري رولز ٺاهڻ لاءِ قانونسازي ڪري سگهي ٿي، هاڻوڪي قانون جي دائري ۾ رهندي رولز ۾ تبديليءَ جو اختيار رڳو سپريم ڪورٽ وٽ آهي
سپريم ڪورٽ بار جي صدر عابد زبيري چيو ته آئين مان آئين ۽ قانون موجب رولز ٺاهڻ جا لفظ هٽايا وڃن ته به فرق نه پوندو، چيف جسٽس چيو ته بس ٺيڪ آهي جواب اچي ويو
جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته هڪ ٻيو سوال آهي ته ڇا سپريم ڪورٽ پارليامينٽ جي اختيار کان تجاوز ڪندي قانون ٺاهي سگهي ٿي؟ آئين سپريم ڪورٽ کي آئين ۽ قانون مطابق رولز ٺاهڻ لاءِ بااختيار بڻائي ٿو، ڳالهه ختم، عابد زبيري چيو ته جڏهن سپريم ڪورٽ رولز ٺاهي ورتا ته پوءِ انهن کي قانون ذريعي بدلائي نه ٿو سگهجي
نواز ليگ جي وڪيل صلاح الدين جا دليل ڏيندي چيو ته بئنچز ٺاهڻ ۽ ڪيسز مقرر ڪرڻ چيف جسٽس جو آئيني اختيار ناهي، ماسٽر آف دِي روسٽر جو لفظ آئين مان ڪڍڻ جو مقصد چيف جسٽس جي اختيارن ۽ سُپريم ڪورٽ کي مضبوط ڪرڻ آهي
جسٽس منيب اختر چيو ته هن قانون تحت پارليامينٽ ماسٽر آف دِي روسٽر آهي، هي ايڪٽ عدليه جي آزادي سان سڌي ريت ٽڪراءُ ۾ اچي ٿو
سُپريم ڪورٽ بار جي وڪيل عابد زبيري دليلن ۾ چيو ته سُپريم ڪورٽ جي رولز کي قانونسازي سان تبديل نٿو ڪري سگهجي، سُپريم ڪورٽ پنهنجا رولز ٺاهي ته ڪير اعتراض نٿو ڪري سگهي
هڪ درخواستگذار جي وڪيل چيو ته پارليامينٽ کي سُپريم ڪورٽ جا قانون ٺاهڻ جو اختيار ناهي، آئين سازن سُپريم ڪورٽ جي ضابطن ۾ ڦيرڦار جو اختيار ڄاڻي واڻي پارليامينٽ کي نه ڏنو
چيف جسٽس چيو ته آرٽيڪل 191 ۾ لکيل آهي ته سُپريم ڪورٽ جا رولز قانون سان به ٺهي سگهن ٿا، جسٽس منيب اختر چيو ته سادي اڪثريت سان آئين ۾ سڌي ريت ترميم جو در کوليو پيو وڃي
ٻڌڻي دوران چيف جسٽس سُپريم ڪورٽ بار جي وڪيل کي چيو ته ٻڌايو ڇا آرٽيڪل 184 ٽي جو استعمال صحيح ٿي رهيو هو؟
ڌرين جي وڪيلن جا دليل جاري هئا ته چيف جسٽس ٻڌڻي سڀاڻي ساڍي 11 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏيندي چيو ته سڀاڻي ساڍا 11 وڳي وڪيلن کي ٻڌنداسين، متحده جي وڪيل چيو ته سڀاڻي منهنجا به دليل ٻڌا وڃن، چيف جسٽس چيو ته اِن جو فيصلو سڀاڻي ڪنداسين