پارليامينٽ سڀ کان سپريم آهي، اتي حملو ٿيو ته ملٽري ٽرائل ڇو نه ٿيو؟ سپريم ڪورٽ

جنوري 18, 2025

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جسٽس جمال مندوخيل جا فوجي عدالتن ۾ سويلينز جي ٽرائل بابت فيصلي خلاف اپيل تي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏنا ته پارليامينٽ تي حملو ٿيو ته ملٽري ٽرائل ڇو نه ٿيو؟ پارليامينٽ سڀ کان سپريم آهي، ڇا پارليامينٽ پاڻ تي حملي کي توهين نه ٿي سمجهي؟ جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 7 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي هلائي، بچاءَ واري وزارت جو وڪيل خواجه حارث عدالت آڏو پيش ٿيو، جسٽس محمد علي مظهر سوال ڪيو ته ڇا آرمي ايڪٽ جي شقن تي اٽارني جنرل 27 اي جو نوٽيس ڏنو ويو هو، جسٽس يحيٰ آفريدي صاحب جي نوٽ مان لڳي ٿو ته اٽارني جنرل کي ٻڌو ئي نه ويو، ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان دليل ڏيندي چيو ته بينچ اٽارني جنرل کي چيو هو ته دليل آرمي ايڪٽ جي شقن بدران 9 ۽ 10 مئي واقعن تي ڌيان رکو، جسٽس محمد علي مظهر رمارڪس ڏيندي چيو ته اها ته عجيب ڳالهه آهي، پهريون چيو ويو آرمي ايڪٽ جي شقن تي ڳالهه نه ڪيو، پوءِ ڪالعدم قرار به ڏنيون ويون، جسٽس محمد علي مظهر وڊيو لنڪ تي موجود فيصل صديقي سان مڪالمو ڪندي چيو ته ڇا اوهان ڳالهه ٻڌي رهيا آهيو ؟ ايڊووڪيٽ فيصل صديقي چيو ته ڪيس کي آرمي ايڪٽ بدران آئين تحت ڏٺو وڃي، 9 مئي واقعن خلاف ٻيون درخواستون داخل ڪيون ويون جن ۾ آرمي ايڪٽ جي شقن کي چئلينج ڪيو ويو هو، جسٽس جمال مندوخيل چيو ته 9 مئي جو ڏوهه ته ٿيو آهي، عدالتي فيصلي ۾ 9 مئي ڏوهه تي ڪلين چٽ نه ڏني وئي، سوال ٽرائل جو آهي ته ٽرائل ڪٿي ٿيندو ؟ عدالت چيو ته ڇا توهان ملٽري ٽرائل جي ڪنهن فيصلي سان اتفاق ڪريو ٿا جنهن تي وڪيل چيو ته ڪنهن فيصلي سان اتفاق نٿو ڪريان.

 

Leave A Comment