پارليامينٽ ميمبرز نشاني تي، 4 سينيٽرز سان آن لائن فراڊ: هيڪرز وٽ شهرين جي ڊيٽا هجڻ جو انڪشاف

پارليامينٽ ميمبرز نشاني تي، 4 سينيٽرز سان آن لائن فراڊ: هيڪرز وٽ شهرين جي ڊيٽا هجڻ جو انڪشاف

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سينيٽ جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي اجلاس ۾ هڪ نه پر چئن سينيٽرز سان آن لائن فراڊ ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. سينيٽر بلال مندوخيل، سينيٽر سيف الله ابڙو، سينيٽر دلاور خان ۽ سينيٽر فلڪ ناز چترالي سان فراڊ ٿي چڪو آهي. اجلاس دوران اين سي سي آءِ اي ۾ ڪرپشن جا معاملا به سامهون آيا. انهن آفيسرن بابت ايجنڊا اِن ڪيمرا رکيو ويو، جنهن ۾ پاڪستاني شهرين جو ڊيٽا آن لائن وڪرو ڪرڻ جو معاملو به شامل هيو. ڪاميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل سليم رحماني چيو ته مون کي به فراڊين جي ڪال آئي هئي، هيڪرز مختلف پارليامينٽ ميمبرز کي آن لائن فراڊ ذريعي لکين رپيا ٺڳي ويا آهن. سينيٽر سيف الله ابڙو مطابق هي گروهه صرف پنج يا ساڍا پنج لک رپين جي ڊمانڊ ڪندو آهي. متاثر سينيٽرز موجب هيڪرز سينيٽر فلڪ ناز چترالي، بلال مندوخيل ۽ سيف الله ابڙو کي ٽيليفون ڪالن ذريعي مڪمل ڊيٽا ٻڌائي انهن کان لکين رپيا ٺڳي ويا. سينيٽر دلاور خان کان ساڍا اَٺ لک رپيا ٺڳيءَ سان ورتا ويا، جڏهن ته سينيٽر فلڪ ناز چترالي کان ٻن قسطن ۾ پنج لک رپيا فراڊي وٺي ويا. عورت سينيٽر ٻڌايو ته فيصل نالي شخص ڪال ڪري پئسا وصول ورتا، هيڪرز وٽ اُن جي خاندان ۽ ٻارن بابت مڪمل ڊيٽا موجود هئي. ڪاميٽي ميمبرن ٻڌايو ته اين سي سي آءِ اي ۾ شڪايتون ڪرڻ باوجود ڪا به ٻڌڻي ناهي ٿي. ڊي جي اين سي سي آءِ اي سيد خرم علي ٻڌايو ته کاتي ۾ رشوت ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال بابت الزامن تي جاچ ٿي رهي آهي، نوان ماڻهو ڀرتي ڪبا، اداري کي مڪمل بهتر ڪرڻ لاءِ ڇهه مهينا لڳندا. جڏهن ته اجلاس ۾ شهرين جي ڊيٽا ليڪ ٿيڻ وارو معاملو به اٿاريو ويو، چيئرمين ڪاميٽي سوال اُٿاريو ته شهرين جي ڊيٽا ليڪ ٿيڻ جي معاملي تي اوهان ڇا ڪيو آهي؟. ڊي جي اين سي سي آءِ اي ٻڌايو ته ڪيترائي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، 851 ماڻهو گرفتار ٿيا آهن، ٽيليڪام ڪمپنين سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون. ڊيٽا ليڪ ٿيڻ واري معاملي تي گهرو وزير جي ٺاهيل جاچ ڪاميٽي جي معاملي تي اسپيشل گهرو سيڪريٽري ۽ ڊي جي اين سي سي آءِ لاعلم نڪتا.