اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ) چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته ملڪ کي نقصان پهچائيندڙ ۽ ذاتي مفادن کي هٿي ڏيندڙ اختيار مون کي نه کپن، آئين سپريم ڪورٽ جي آزاديءَ سان شروع نه ٿو ٿئي
پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ خلاف درخواستن جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏيندي چيف جسٽس چيو ته توهان چيف جسٽس کي احتساب کان آجو ڪرڻ ڇو ٿا چاهيو؟ ريڪوڊڪ معاملي تي سپريم ڪورٽ جي پاڻمرادي نوٽيس ۽ فيصلي سان ملڪ کي ساڍا 6 ارب ڊالرز جو نقصان پهتو
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 15 رڪني فل ڪورٽ بينچ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ خلاف درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي
چيف جسٽس چو ته پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ وارا اهڙا اختيار مون کي نه کپن، توهان هي قانون اڏائي ڇڏيندا ته مان وڌيڪ طاقتور ٿي ويندس، توهان مون کي اهڙا اختيار ڏيندا به ته مان نه وٺندس
درخواستگذار جي وڪيل خواجا طارق رحيم دليل ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ فل ڪورٽ ذريعي پنهنجا رولز ٺاهي ڇڏيا هئا، پارليامينٽ سپريم ڪورٽ جي رولز ۾ مداخلت ڪئي، عدليه جي آزادي به بنيادي حقن ۾ شامل آهي
هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ وارا اختيار ڪنهن قانون سان ختم نه ٿا ڪري سگهجن، ان جي لاءِ آئين ۾ ترميم ضروري آهي
چيف جسٽس چيو ته آئين سپريم ڪورٽ جي آزاديءَ سان شروع نه ٿو ٿئي، جيڪڏهن پارليامينٽ چيف جسٽس جي بادشاهت ختم ڪئي ته ان ۾ ڇا غلط آهي
جسٽس منيب اختر ريمارڪس ڏيندي چيو ته پارليامينٽ عدليه جي طئي ڪيل آئيني رُولز کي قانون ذريعي ري رائيٽ نٿي ڪري سگهي، عدليه جي رُولز کي تبديل ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ کي آئين ۾ ترميم ڪرڻي پوندي، عدالت کي پنهنجا اختيار استعمال ڪرڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي
جسٽس اطهر من الله چيو ته پارليامينٽ قانونسازي ذريعي عدالتن جي فيصلن ۽ ججمينٽس کي ختم ڪري سگهي ٿي
جسٽس محمد علي مظهر چيو ته اهو ٻڌايو ته هي ايڪٽ آئين جي ڪهڙي آرٽيڪل سان ٽڪراءَ ۾ آهي؟ جسٽس منصور علي شاهه چيو ته بحث مان اهو سمجهه ۾ آيو ته جيڪڏهن اهو سڀ ڪجهه فل ڪورٽ ڪري ته پوءِ درست آهي ۽ پارليامينٽ ڪري ته غلط آهي