ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ جماعت اسلامي جي ڪي اليڪٽرڪ جي نجڪاري خلاف درخواست اڪلائي ڇڏي، چيف جسٽس عمر عطا بنديال جماعت اسلامي جي واکاڻ ڪندي چيو ته جماعت اسلامي ملڪ ۾ سياسي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ لاءِ مثبت ڪوشش ڪئي، هتي عدالت آڏو معاملو مختلف آهي، عدالت لاءِ ممڪن نه آهي ته ڪي اليڪٽرڪ جي نجڪاري جي گهرائي ۾ وڃي
جماعت اسلامي جي وڪيل چيو ته اسان نيپرا ۽ ڪائونسل آف ڪمپلينٽ سان رجوع ڪرڻ چاهينداسين، چيف جسٽس جماعت اسلامي جي وڪيل کي چيو توهان جي وڏي مهرباني، توهان واڳيل فورم تي نه ويندا ته پوءِ اسان پنهنجو فيصلو ٻڌائينداسين، هڪ جڊيشل فورم اهو چئي ڇڏيو ته هن معاملي ۾ نه ٿا پئون ته پوءِ توهان کي ٻيا فورم به اهو ئي جواب ڏيندا
جسٽس اطهر من الله چيو ته مان پنهنجي حد تائين ته اهو چوندس ته اسان کي پارليامينٽ کي مضبوط ڪرڻو آهي، جماعت اسلامي ڪي اليڪٽرڪ جي نجڪاري خلاف پارليامينٽ وڃي
جسٽس اطهر من الله چيو ته پارليامينٽ کي ڪمزور ڪرڻ نه ٿا چاهيون، اهڙا معاملا 184 ٽي تحت هتي نه ٿا ڏسي سگهجن، عدالت جماعت اسلامي جي درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي اڪلائي ڇڏي