| پارليامينٽ کي گهيرو ڪيو ويو آهي: پي ٽي آءِ سينيٽر |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي اڳواڻ سينيٽر عون عباس چيو آهي ته پي ٽي آءِ پنهنجن مطالبن تي قائم آهي ۽ پارليامينٽ ۾ ڌرڻو عمران خان جي علاج بابت اسان جي مطالبن جي پورا ٿيڻ تائين جاري رهندو. ميڊيا کي موڪليل آڊيو پيغام ۾ هن چيو ته پارليامينٽ ۾ ڊيوٽي تي ايندڙ آفيسرن جي ڪپڙن جي به تلاشي ورتي پئي وڃي ته جيئن اهي ڌرڻو هڻندڙن کي پاڻي جون بوتلون، بسڪٽ يا ڪا به ٽافي نه پهچائي سگهن. عون عباس چيو ته پارليامينٽ کي هڪ طرح سان گهيرو ڪيو ويو آهي