پارٽي اڳواڻ عوام سان زيادتيون پيا ڪن، برو انجام ٿيندو: ارباب لطف

پارٽي اڳواڻ عوام سان زيادتيون پيا ڪن، برو انجام ٿيندو: ارباب لطف

مٺي (رپورٽر) مٺي تعلقي جي ڳوٺ گوڌيار ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جو جلسو ٿيو،  جلسي کي خطاب ڪندي پ پ پ ايم پي اي ارباب لطف الله چيو ته اسان ٿري ماڻهن جي بغير لوڀ، بغير لالچ ۽ بغير ذات پات جي خدمت ڪئي آهي ۽ مستقبل ۾ به اها خدمت جاري رهندي، پارٽي جو منشور هر حال ۾ عوام سان گڏ بيهڻ آهي، اقتدار اچڻا وڃڻا آهن پر اقتدار جي نشي ۾ عوام سان ظلم ڪندڙن جو انجام هميشه برو ٿيندو هن وڌيڪ چيو ته ڪجهه پارٽي عهديدارن ڳوٺاڻن سان زيادتيون ڪيون آهن جنهن بابت اڳ به قيادت سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي آهي ۽ ٻيهر به ڪئي ويندي، پ پ اڳواڻ راهول جيوڻ خطاب ڪندي چيو ته تنظيم سازي ۾ نظرياتي ڪارڪنن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي جيڪي عهدا ڏنا ويا آهن انهن عهدن کي اسين تسليم نٿا ڪريون ڇو ته اهي ماڻهو مستقل بنيادن تي پارٽي سان بيهڻ جي صلاحيت نٿا رکن هن پارٽي اندر منصفاڻي تنظيم سازي جو مطالبو ڪيو آهي، پ پ پ اڳواڻ خالد سراج سومرو چيو آهي ته پيپلز پارٽي شهيدن جي پارٽي آهي بلاول ڀٽو زرداري جي منشور تحت سڀني گڏجي هلڻو پوندو .