پاسداران انقلاب جو اڳوڻو ڪمانڊر باقر ذوالقدر لاريجاني جي جاءِ تي سيڪيورٽي ڪائونسل سيڪريٽري مقرر

پاسداران انقلاب جو اڳوڻو ڪمانڊر باقر ذوالقدر لاريجاني جي جاءِ تي سيڪيورٽي ڪائونسل سيڪريٽري مقرر

تھران (م ڊ) ايران جي ارنا نيوز ايجنسي صدر جي آفيس جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته ايران محمد باقر ذوالقدر کي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جو نئون سيڪريٽري مقرر ڪيو آهي. ذوالقدر مرحوم علي لاريجاني جي جاءِ تي ذميواريون سنڀاليندو. ذوالقدر پاسداران انقلاب ڪور جو ڪمانڊر رهيو آهي ۽ ايران جي حڪومتي  ڍانچي ۾ ڪيترن ئي اعليٰ عهدن تي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، جن ۾ 2020 تائين 8 سالن تائين عدليه جي اسٽريٽجي جي ڊپٽي چيف جو عھدو بھ شامل آهن. ھو پاسداران انقلاب ڪور جي جوائنٽ اسٽاف چيف، ڊپٽي ڪمانڊر ان چيف ۽ گهرو وزارت جي سيڪيورٽي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ اداري جي ڊپٽي چيف طور ڪم ڪندو رھيو آهي.