| پاسداران انقلاب پاران 10 پرڏيهي جاسوس گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ |
تهران (م ڊ) ايران جي پاسداران انقلاب اسرائيل ۽ آمريڪا سان جنگ دوران 10 غير ملڪي جاسوس گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ايراني خابرو اداري اسنا موجب ايران جي صوبي خراسان رضوي ۾ پاسداران انقلاب جي انٽيليجنس تنظيم 10 اجرتي ۽ غدار جاسوس گرفتار ڪيا آهن، انهن جي قوميت ظاهر ناهي ڪئي وئي، پاسداران انقلاب جو چوڻ آهي ته انهن مان چار ڄڻا حساس هنڌن ۽ اقتصادي اڏاوتن جي ڄاڻ گڏ ڪري رهيا هئا، ٻين جو تعلق هڪ دهشتگرد گروهه سان هو.