پاسپورٽ اينڊ اميگريشن رولز جون ختم ڪيل سموريون شقون بحال

پاسپورٽ اينڊ اميگريشن رولز جون ختم ڪيل سموريون شقون بحال

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي آئيني عدالت جو حڪومت کي وڏو رليف. آئيني عدالت پاسپورٽ اينڊ اميگريشن رولز جون ختم ڪيل شقون بحال ڪري ڇڏيون۔ شقون بحال ٿيڻ سان شهرين جا نالا پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جو اختيار بحال ٿي ويو۔ عدالت حڪومت کي شهرين جا پاسپورٽ غيرفعال قرار ڏيڻ جو اختيار پڻ بحال ڪري ڇڏيو۔ وفاقي آئيني عدالت لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪندي حڪومتي اپيل ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي۔ جسٽس حسن اظہر رضوي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا۔ ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته فرحان علي نالي شهري غيرقانوني طور ايران ويو هو، جتان کيس واپس موڪليو ويو۔ غيرقانوني قدمن سبب سندس نالو پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو۔ عدالت لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪندي ٻڌڻي غير معينه مدت تائين ملتوي ڪري ڇڏي۔