| پاسڪو ختم ڪري نئون ادارو قائم ڪرڻ جي منظوري: دفاعي منصوبن لاءِ 50 ارب رپيا منظور |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪاميٽي جي اجلاس ۾ وفاقي سول آرمڊ فورسز جي دفاعي سامان جي مرمت، سول آرمڊ فورسز کي وڌيڪ رقم ڏيڻ ۽ دفاعي خدمتن جي منصوبن لاءِ سپليمنٽري گرانٽ جي منظوري ڏني وئي، وفاقي ناڻي وزير اورنگزيب جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي سول آرمڊ فورسز جي دفاعي اوزارن جي مرمت لاءِ 10 ڪروڙ 3 لک رپين جي منظوري ڏني وئي، ان کان علاوه سول آرمڊ فورسز کي وڌيڪ 84 ڪروڙ 15 لک 60 هزار رپيا ڏيڻ جي به منظوري ڏني وئي، ناڻي وزارت طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب اجلاس ۾ دفاعي خدمتن جي منصوبن لاءِ 50 ارب رپين جي ٽيڪنيڪل سپليمنٽري گرانٽ منظور ڪئي وئي، پاسڪو جي خاتمي ۽ ان جي جاءِ تي هڪ نئون خاص ادارو قائم ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏني وئي، اجلاس ۾ ايس پي وي جي ابتدائي ادا ڪيل سرمايو 10 لک رپيا مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته پيٽروليم ڊويزن جي سمري تحت آف شور آئل اينڊ گيس بلاڪس جي لائسنس مدت ۾ واڌ ۽ ورڪنگ انٽرسٽ جي منظوري ڏني وئي، پرڏيهي ڪمپنين جي سيڙپڪاري وڌائڻ لاءِ نيون مراعاتي تجويزون به منظور ڪيون ويون، ناڻي وزارت موجب فنڊز ٽيڪنيڪل سپليمنٽري گرانٽ طور منظور ڪيا ويا، جيڪي اندروني سلامتي، بارڊر ڪنٽرول ۽ امن امان لاءِ فراهم ڪيا ويندا.