پاسڪو وٽ ڪڻڪ جي قيمت 4150 رپيا مڻ

پاسڪو وٽ ڪڻڪ جي قيمت 4150 رپيا مڻ

لاهور (م ڊ) پنجاب حڪومت صوبي ۾ ڪڻڪ جي نئين قيمت 3,800 رپيا في من مقرر ڪئي آهي. پنجاب ڪابينا جي منظوري کان پوءِ، فوڊ سيفٽي اينڊ ڪنزيومر پروٽيڪشن ڊپارٽمينٽ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي. ترجمان موجب وفاقي حڪومت پنجاب کي هدايت ڪئي آهي ته هو فوري طور تي پاڪستان ايگريڪلچرل ڪموڊٽيز اسٽوريج اينڊ سروسز ڪارپوريشن (پاسڪو) کان ڪڻڪ خريد ڪري. ان سلسلي ۾، پنجاب کي شروعاتي طور تي 300,000 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ فراهم ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، جڏهن ته کاتي کي اڳ ۾ ئي 200,000 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ ملي چڪي آهي. ترجمان چيو ته پاسڪو ڪڻڪ جي قيمت 4,150 رپيا في مڻ مقرر ڪئي آهي، جڏهن ته عوامي مفاد کي نظر ۾ رکندي، پنجاب حڪومت 3,800 رپيا في مڻ جاري ڪرڻ جي قيمت مقرر ڪئي آهي ته جيئن اٽي جي قيمتن ۾ ڪو به غير ضروري اضافو نه ٿئي ۽ عام شهري رليف حاصل ڪري سگهن. حڪومت واضح ڪيو آهي ته سڄي صوبي ۾ 15 رپين ۾ ماني جي فراهمي کي هر قيمت تي يقيني بڻايو ويندو