| پاسڪو کي خريد ڪيل ڪڻڪ نيڪال ۾ 23 ارب جو نقصان |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاسڪو جي ڪڻڪ وڪري ۾ اربين رپين جي نقصان جو امڪان. دستاويزن موجب پاسڪو اسٽاڪ مان ڪڻڪ جي وڪري ۾ 23 ارب 50 ڪروڙ رپين جي نقصان تخمينو لڳايو ويو. اهي. نقصان جو هي اندازو 5 لک 75 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي وڪري تي لڳايو ويو. ڪڻڪ جي مجموعي لاڳت 80 ارب 58 ڪروڙ، جڏهن ته وڪري مان 57 ارب 8 ڪروڙ رپين جي آمدني جو اندازو آهي. درآمدي 2 لک 94 هزار 994 ٽن ڪڻڪ جي وڪري ۾ 19 ارب 36 ڪروڙ رپين جي نقصان جو خدشو آهي. مقامي 2 لک 80 هزار ٽن ڪڻڪ جي وڪري ۾ 4 ارب 14 ڪروڙ رپين جي نقصان جو تخمينو، درآمدي ڪڻڪ جي لاڳت 47 ارب 38 ڪروڙ، جڏهن ته وڪري مان 28 ارب 3 ڪروڙ رپين جي آمدني جو تخيمنو لڳايو ويو آهي. مقامي ڪڻڪ جي لاڳت 33 ارب 20 ڪروڙ، جڏهن ته وڪري مان 29 ارب 5 ڪروڙ رپين جي آمدني متوقع آهي. ذريعن موجب حڪومت مقابلي واري عمل ذريعي پاسڪو اسٽاڪ جي ڪڻڪ وڪڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي.