اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ پاناما واليم 10 بابت براڊ شيٽ جي درخواست واپس
وٺڻ جي بنياد تي اڪلائي ڇڏي
سپريم ڪورٽ ۾ براڊ شيٽ ڪمپني جي پاناما جي آءِ ٽي جي واليم 10 تائين پهچ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي چيف جسٽس جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بئنچ ڪئي
جسٽس اطهر من الله چيو ته بين الاقوامي ٽياڪڙي لاءِ واليم 10 کولڻ جو چيو ويو هو، ٽياڪڙي تي عمل ٿيڻ ڪري هاڻ درخواست غير موثر ٿي چڪي آهي
جنهن بعد براڊ شيٽ ڪمپني پاران درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي اڪلائي وئي