پاٽ جي چانڊيا ۽ برهماڻي ڌرين جو جرڳو، 4 خون ثابت، 1 ڪروڙ 20 لک ڏنڊ، ڌريون کير کنڊ
ڊسمبر 31, 2024
دادو ( رپورٽر ) دادو جي پاٽ شريف ۾ چانڊيا برهماڻي تڪرار جو جرڳو ٿي گذريو، جنهن ۾ ڌرين مٿان 4 قتل ثابت ٿيڻ تي هڪ ڪروڙ 20 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو آهي، ان ڏس ۾ سرڪٽ هائوس دادو ۾ محمد خان جوڻيجو ، معظم عباسي ، رفيق احمد جمالي ، برهان خان چانڊيو ، حاڪم علي نوحاڻي جي سر پئنچي ۾ جرڳو ٿيو ، جنهن ۾ هوت خان برهماڻي، سردار نثار احمد برهماڻي، چانڊي ڌر جي گلشير چانڊيو، نثار احمد چانڊيو برادري جي وڏي انگ ماڻهن سان گڏ جرڳي ۾ شرڪت ڪئي، ٻنهي ڌرين جي ماڻهن جي بيانن کانپوء امينن جي موجودگي فيصلي جي سرپئنچي ڪندڙن پاران فتوا تيار ڪيل فتوا ٻڌائي وئي، جنهن ۾ چانڊيا ڌر تي برهماڻي برادري جي 3 ڄڻن عاشق ، علي حيدر ۽ عابد برهماڻي کي قتل ڪرڻ جي ثابتي ملڻ تي في خون بها 30 لک رپين جي حساب سان گلشير چانڊيو ڌر مٿان 90 لک رپيا ڏنڊ وڏو ويو ۽ برهماڻي ڌر تي چانڊيا برادري جي قمر الدين چانڊيو کي قتل ڪرڻ تي 30 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو آهي، فيصلي جي فتوا موجب جهيڙي دوران برهماڻي ۽ چانڊيا برادري جا جيڪي زخمي ٿيا هئا يا چوپايو مال مارجي ويو هو يا گهرن کي جيڪو نقصان پهتو اهو هڪ ٻئي سان پاري صرف ڌرين جي قتل ڪيل 4 ڄڻن جو ڏنڊ مقرر ڪيو ويو ۽ ڌريون ڏنڊ جي رقم 4 قسطن ۾ ادا ڪنديون ۽ پهرئين قسط ادا ڪرڻ کانپوء ڌرين جا ماڻهون هڪ ٻئي خلاف داخل ڪيسن تان هٿ کڻندا، انهيءِ دوران برهان خان چانڊيو 90 لک ڏنڊ جي رقم مان پهرئين قسط طور 2 لک رپيا موقعي تي ادا ڪيا، فتوا ٻڌائڻ دوران برهماڻي جي ماڻهن دانهون ڪيون ته گلشير وارن زمين تي حملو ڪيو جنهن ۾ گوليون لڳڻ ڪري عابد مارجي ويو ، انهيءِ دوران خان برهماڻي دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿيو هو ، فتوا ۾ انهيءِ کي ڇو نه ٿا شامل ڪيو جن کي ماٺ ڪرائي جهيڙيندڙ ڌرين جي ماڻهن کي هڪ ٻئي سان ڀاڪر پارايا ويا، جرڳو شروع ٿيڻ کان اڳ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪندي وڏي انگ ۾ اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو ، جڏهن ڌرين جي ماڻهن سرڪٽ هائوس ۾ داخل ٿيڻ جي ڪئي ته اهلڪارن کين گيٽ تي روڪي ورتو ۽ جملن جي ڏي وٺ کانپوءِ انگ ۾ انگ ماڻهون گيٽ کولي اندر داخل ٿي ويا.
سال 2022ع ۾ برساتي پاڻي نيڪال تان تڪرار شروع ٿيو
دادو : سال 2022ع ۾ پاٽ شريف ۾ برساتي پاڻي جي نيڪال تان گلشير چانڊيو ۽ هوت خان برهماڻي جي ٻن ڌرين ۾ منهن ماري بعد جهيڙو ٿيو جنهن ۾ هوت خان برهماڻي زخمي ۽ سندس پٽ عاشق جي قتل کانپوء مسلسل ٻن سالن تان هڪ ٻئي مٿان فائرنگ ڪرڻ وارن واقعن سبب پاٽ شريف ، رڪڻ ، پيارو اسٽيشن ۾ خوف حراس پکڙيل رهيو ، پاٽ شريف مان ڪيترائي خاندان دادو ۽ حيدرآباد لڏ پلاڻ ڪئي. هوڏانهن چانڊيا ۽ برهماڻي برادري جي وچ ۾ خوني تڪرار جي ڪيل فيصلي ۾ اهو به طئع ڪيو ويو ته برهماڻي برادري جي چڱي مڙس نثار احمد برهماڻي جيڪي پ پ ايم اين اي رفيق احمد جمالي تي الزام هنيا هئا، انهن تي رفيق احمد جمالي کان تڏو بخشرائيندو.
جرڳي دوران سرڪٽ هائوس دادو جي سيڪيورٽي سخت، وڏي انگ ۾ اهلڪار مقرر
دادو : سرڪٽ هائوس دادو ۾ چانڊيا، برهماڻي جي ڌرين ۾ هلندڙ خوني جهيڙي جي جرڳي دوران سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪندي دادو ، لاڙڪاڻو ، دادو ، مورو روڊ تي پوليس موبائيلون بيهاري وڏي انگ ۾ اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو ، جنهن سبب دادو جي شهرين توڙي مسافرن کي سخت تڪليف سان منهن ڏيڻو پيو.