پاپوليشن کاتي پاران ڪامورن کان واڌو چارجز واپس وٺڻ جو حڪم

سيپٽمبر 18, 2023

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) پاپوليشن ويلفيئر کاتي  پاران  سمورن ضلعن ۾ اضافي چارجن تي ويٺل آفيسرن کان واڌو چارجون واپس وٺي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي

 ان حوالي سان پاپوليشن ويلفيئر کاتي جي سيڪريٽري پاران ڪالهه سمورن ريجنل ۽ ضلعي اختيارين کي خط لکي کين سختي سان هدايت ڪئي آهي

خط ۾ چيو ويو آهي  ته سندن ضلعن ۾ جن به عملدارن يا آفيسرن وٽ مختلف عهدن جون اضافي چارجون آهن، اهي واپس وٺي رپورٽ فراهم ڪئي وڃي

Leave A Comment