پاڙيسري ملڪ جي جنگ ۾ اڇلايو ويو، نتيجن جو اندازو نه لڳائي سگهياسين: صدر زرداري

آگسٽ 13, 2024

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته اوڀر پاڪستان سانحي بعد اسان کي ورهائي ڪمزور ڪري هڪ پاڙيسري ملڪ جي جنگ ۾ ڌڪيو ويو

اسان پاڙيسريءَ جي جنگ ۾ ڪاهي پوڻ جي نتيجن جو اندازو نه لڳائي سگهياسين، اها ٻئي ڪنهن جي نه پر اسان جي پنهنجي غلطي هئي، جن ماڻهن کي اسان ۽ اسان جي دوستن ٺاهيو ان جا اسان جي نسلن تي ڪهڙا اثر پوندا اهو اسان نه سوچيو

اسلام آباد ۾ اقليتن جي ڏهاڙي بابت تقريب کي خطاب ڪندي صدر آصف زرداري چيو ته اڄ مدرسن ۾ پنهنجي سمجهه جي حساب سان مذهب جي باري ۾ پڙهايو وڃي ٿو

قائد اعظم ڪنهن سياسي پوائنٽ جي ڪري پاڪستان ٺاهيو هو، نريندر مودي جي ڀارت ۾ اقليتون محفوظ نه آهن، قائد اعظم اها ڳالهه ان وقت ئي محسوس ڪئي هئي ته هڪ ڏينهن ائين ٿيندو، ان جي ڪري ئي اسان جي بزرگن پاڪستان ٺاهيو، اسان قرارداد پاڪستان منظور ڪئي

منهنجو والد مسلم ليگ جو حصو هو، اسان جيڪو به ڪيو اهو درست هو پر عالمي طاقت عالمي طاقت هوندي آهي، اڄ غزه ۾ جيڪو ميزائيل وڃي ٿو اهو نه ٿو ڏسي ته اڳيان مسلمان آهي يا مسيحي آهي، جيڪڏهن توهان کي لڳي ٿو ته غزه ۾ مسيحي نه آهن ته توهان غلط آهيو، سياست ۾ هي مسيحي به قربان ٿي رهيا آهن

اقليتون اسان جا ٻچا آهن، سنڌي ماڻهو پنهنجي دل ۾ دنيا جو درد رکن ٿا، مان ڪنهن تي احسان نه پيو ڪيان، مون قائد اعظم جي قبر سان وعدو ڪيو آهي ته پاڪستان جي مفادن کي سنڀالي رکنداسين.

Leave A Comment