پاڪ، سعودي، ترڪي ۽ مصر جون دفاعي اتحاد لاءِ تياريون

پاڪ، سعودي، ترڪي ۽ مصر جون دفاعي اتحاد لاءِ تياريون

انقره (م ڊ) ترڪي جي حڪومت نواز اخبار ترڪيءَ چيو آهي ته اسلام آباد ۾ ايران جنگ تي تازين ڳالهين مان ظاهر ٿئي ٿو ته ترڪي، پاڪستان، سعودي عرب ۽ مصر هڪ دفاعي اتحاد ٺاهڻ جي تياري ڪري رهيا آهن. پنهنجي 31 مارچ جي رپورٽ ۾ اخبار چيو ته چئني ملڪن جي نمائندن جي ملاقات جو مرڪز ايران جنگ، ان جا اثر ۽ ملڪن جي وچ ۾ ممڪن فوجي هم آهنگي هئي. رپورٽ ۾ هڪ نامعلوم ترڪ عهديدار جو حوالو ڏيندي چيو ويو آهي ته اسلامي دنيا ۽ وچ اوڀر ۾ آمريڪا ۽ يورپ جي اسٽريٽجڪ پوزيشن، جنهن جو واحد مقصد اسرائيل کي تحفظ ڏيڻ آهي، عالمي استحڪام لاءِ خطرو بڻجي چڪو آهي. تازي ملاقات ۾ سيڪيورٽي ۽ استحڪام جي نون تصورن جي ضرورت تي زور ڏنو ويو. رپورٽ موجب اسلام آباد ۾ ڪيترائي اصولي فيصلا ڪيا ويا ۽ اهو اتفاق ڪيو ويو ته ايندڙ ملاقات ترڪي ۾ ٿيندي، پر وڌيڪ تفصيل نه ڏنا ويا. تجزيه نگار احمد خان جو حوالو ڏيندي چيو ويو ته ترڪي-پاڪستان اتحاد ۾ مصر ۽ سعودي عرب جي شموليت هڪ پيغام موڪلي ٿي ته اسلامي دنيا جا فيصلا هاڻي اسان پاڻ ڪنداسين. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ‘چار مسلم ملڪن جي وچ ۾ قائم ڪيل ‘دفاعي اتحاد’ اتحادين لاءِ اعتماد جو ذريعو آهي، جڏهن ته اسرائيلي ميڊيا ان کي اسرائيل لاءِ انتهائي خطرناڪ قرار ڏنو آهي.