| پاڪستان، انگلينڊ ۽ سريلنڪا جي ٽه ملڪي ون ڊي سيريز 18 آڪٽوبر کان شروع ٿيندي: شيڊيول جاري |
لاهور(اسپورٽس نيوز))پاڪستان ۾ ٿيندڙ ٽه ملڪي ون ڊي سيريز جو تجويز ڪيل شيڊeول سامهون اچي ويو آهي، جنهن ۾ پاڪستان کانسواءِ انگلينڊ ۽ سريلنڪا جون ٽيمون شامل هونديون. تجويز ڪيل شيڊيول موجب ٽه ملڪي ون ڊي سيريز 18 آڪٽوبر کان پهرين نومبر تائين کيڏي ويندي، سيريز جو پهريون مرحلو راولپنڊي ۾ ٿيندو. ذريعن موجب, راولپنڊي ۾ ميچون 18، 20 ۽ 22 آڪٽوبر تي ڪرائڻ آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻئي مرحلي ۾ ميچون لاهور ۾ 25، 27 ۽ 29 آڪٽوبر تي ڪرايون وينديون، جڏهن ته تجويز ڪيل شيڊيول ۾ ٽه ملڪي ون ڊي سيريز جو فائنل پهرين نومبر تي لاهور ۾ ڪرائڻ جي تجويز آهي. ذريعن موجب، سمورن بورڊز جي گڏيل صلاح مشوري سان شيڊيول کي جلد حتمي شڪل ڏئي اعلان ڪيو ويندو. سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيم دوري دوران 2 ٽيسٽ ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچون پڻ کيڏندي، جڏهن ته سريلنڪا سان سيريز جي وينيوز ۽ تاريخن بابت مشاورت جاري آهي.