پاڪستان، روس، ايران ۽ افغانستان سميت 43 ملڪن تي آمريڪي سفري پابندين جو خدشو: فهرست جاري، گرين ڪارڊ وارا به نڪرندا: وينس

مارچ 16, 2025

واشنگٽن(م ڊ) ٽرمپ انتظاميا 43 ملڪن جي شهرين تي سفري پابندين جي تجويزن تي غور ڪري رهي آهي. آمريڪي اخبار موجب، ٽرمپ انتظاميا هڪ نئين سفري پابندين جي لسٽ تي غور ڪري رهي آهي، جنهن ۾ مختلف ملڪن کي ٽن ڪيٽيگريز ۾ شامل ڪيو ويندو.آمريڪي اخبار جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڏهن ملڪن کي اورنج لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جي تجويز آهي جنهن ۾ پاڪستان، بيلاروس، هيٽي، ميانمار، روس، ترڪمانستان ۽ ٻيا شامل آهن. آمريڪي اخبار موجب، اورينج لسٽ ۾ شامل ملڪن جي شهرين جي اميگرنٽ ۽ سياحتي ويزا کي محدود ڪيو ويندو، هن لسٽ ۾ شامل ملڪن جي ڪاروباري مسافرن کي ڪجهه شرطن سان آمريڪا ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏئي سگهجي ٿي. ٽرمپ انتظاميا يارهن ملڪن جي شهرين تي مڪمل پابندي جو ارادو رکي ٿي، جن ملڪن کي ريڊ لسٽ ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو انهن ۾ افغانستان، ڀوٽان، ڪيوبا، ايران، لبيا، اتر ڪوريا، شام، سوڊان، سوماليه، وينزويلا ۽ يمن شامل آهن. ٽرمپ انتظاميا چاڊ، ڊومينيڪا ۽ لائبيريا سميت 22 ملڪن کي ييلو لسٽ ۾ شامل ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي، جنهن جو مطلب آهي ته انهن ملڪن جي شهرين وٽ ويزا جي درخواست بابت ڪنهن قسم جي خدشن کي ختم ڪرڻ لاءِ 60 ڏينهن هوندا. هوڏانهن آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس چيو آهي ته گرين ڪارڊ هولڊرز کي آمريڪا ۾ مستقل رهائش جو حق حاصل ناهي، اهي به نڪرندا، ايندڙ مهينن ۾ غيرقانوني پرڏيهين جي بيدخلي جو امڪان آهي. آمريڪي ٽي وي کي انٽرويو ۾ هن چيو ته گرين ڪارڊ رکندڙ آمريڪي شهرين جهڙن حقن جا مالڪ ناهن، حڪومت ڪنهن کي ملڪ بدر ڪرڻ جو فيصلو ڪري ته ان کي روڪڻ جو ڪو قانوني حق حاصل نه هوندو. هن ِِغِير قانوني پرڏيهين جي تعداد ۾ 95 سيڪڙو ڪمي جي دعويٰ ڪندي چيو ته اسٽوڊنٽ ويزا وارن ماڻهن مٿان به سختي ڪئي ويندي، هوڏانهن بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته آمريڪا طرفان پاڪستان تي سفري پابنديون مڙهڻ نامناسب ڳالهه آهي. حڪومت ان مسئلي کي کنيو آهي. هفتي يا 10 ڏينهن اندر معاملو حل ٿي ويندو، ڪوشش آهي ته سفري پابنديون نه لڳن.

 

Leave A Comment