| پاڪستان، زمبابوي ۽ سري لنڪا اڄ کان ٽي ملڪي ٽي 20 سيريز شروع، گرين شرٽس جو زمبابوي سان پهرين ميچ ۾ مقابلو |
راولپنڊي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۾ ٽي 20 ٽرائي نيشن سيريز اڄ کان ٿي رهي آهي جنهن ۾ سريلنڪا ۽ زمبابوي جون ٽيمون شامل آهن. پاڪستان ٽي 20 ٽيم جي ڪپتان سلمان علي آغا پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته قومي ٽيم ۾ هن وقت هڪ سٺو ڪمبينيشن آهي ۽ ان ۾ بهترين آل رائونڊر شامل آهن. ٽيم ۾ ڪا به تبديلي نه پئي ڪئي وڃي سيريز ۾ نون رانديگرن کي موقعو ڏيڻ جي ڪوشش ڪنداسين. قومي ٽي 20 ڪپتان چيو ته ٽيم ۾ مڊل آرڊر جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون. اسان ان حڪمت عملي تي عمل ڪنداسين جيڪا جاري آهي ۽ کٽڻ جي رفتار کي برقرار رکنداسين. هن چيو ته صائم ۽ مان ٻئي بالنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون. مان هڪ ڪپتان جي حيثيت سان سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندس. قومي ڪپتان وڌيڪ چيو ته مڊل آرڊر ۾ ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي. عبدالصمد کي فنشر طور استعمال ڪيو ويندو. مان ايشيا ڪپ ۾ صحيح ذهن سان نه کيڏيس. مان کاٻي هٿ جي بيٽسمينن خلاف بالنگ ڪندس. سلمان علي آغا اهو به چيو ته ٽي 20 ڪرڪيٽ هڪ اهڙو فارميٽ آهي جنهن ۾ اسان ڪنهن به ٽيم کي ڪمزور نه ٿا چئي سگهون. ٽيمن کي هميشه پاڪستاني مداحن کان مڪمل سپورٽ ملي. پنڊي اسٽيڊيم هميشه ڀريل هوندو آهي.