| پاڪستان، سعودي، قطر، ترڪي غزه ۾ امن فورس لاءِ آمريڪي قرارداد جي حمايت ڪري ڇڏي |
نيويارڪ(م ڊ) پاڪستان سميت اسلامي دنيا جي ڪيترن ئي اهم ملڪن آمريڪا جي نئين قرارداد جي حمايت ڪئي آهي، جنهن ۾ غزه لاءِ عالمي استحڪام فورس مقرر ڪرڻ ۽ امن بحالي جو نئون لائحه عمل تجويز ڪيو ويو آهي. گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽرز مان جاري گڏيل بيان ۾ پاڪستان، قطر، مصر، سعودي عرب، متحده عرب امارات، انڊونيشيا، اردن، ترڪيه ۽ آمريڪا انهي سلسلي ۾ پنهنجي تعاون جو اعلان ڪيو آهي. گڏيل بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سلامتي ڪونسل ۾ غور هيٺ قرارداد 29 سيپٽمبر تي سامهون ايندڙ گڏيل امن منصوبي جو حصو آهي. انهن ملڪن واضح ڪيو ته اهو عمل فلسطيني عوام جي حق خود اراديت ۽ هڪ مستقل رياست جي قيام جو بنياد فراهم ڪندو، اهوئي سبب آهي ته عالمي اتفاق راءِ سان قرارداد جي منظوري ضروري آهي. گڏيل بيان ۾ انهي ڳالهه تي به زور ڏنو ويو ته پيش ڪيل منصوبو نه صرف فلسطين ۽ اسرائيل جي وچ ۾ پر پوري خطي ۾ ديرپا امن ۽ استحڪام جو رستو کولي سگهي ٿو. ان سان گڏ اها به اميد ظاهر ڪئي وئي آهي ته سلامتي ڪونسل تمام جلد انهي قرارداد جي منظوري ڏيندي. ٻئي طرف آمريڪا سلامتي ڪونسل کان مطالبو ڪيو آهي ته غزه ۾ جاري ڪمزور جنگبندي کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ ان مسودي جي منظوري ضروري آهي، پر عين وقت تي روس هڪ ڌار قرارداد پيش ڪري آمريڪي ڪوشش کي چئلينج ڪيو آهي. گڏيل منصوبي کي نظر ۾ رکندي سلامتي ڪونسل ٻن سالن جو مينڊيٽ ڏيڻ تي غور ڪري رهي آهي، جنهن ۾ غزه ۾ هڪ عبوري حڪومتي ڍانچو (بورڊ آف پيس) قائم ڪيو ويندو، جنهن جي سربراهي صدر ٽرمپ ڪندو. انهي سان گڏ عارضي عالمي فورس جوڙڻ جو اختيار به شامل آهي، جيڪو غير رياستي هٿياربند گروپن کي غير فعال ڪندو، شهرين جو تحفظ يقيني بنائيندو ۽ امدادي پهچ کي محفوظ بنايو ويندو.