پاڪستان، سعودي عرب، ترڪي، عرب امارات، ارجنٽائن، بحرين غزا امن بورڊ ۾ شامل، معاهدي تي صحيحون، حماس هٿيار ڦٽا ڪري: ٽرمپ

پاڪستان، سعودي عرب، ترڪي، عرب امارات، ارجنٽائن، بحرين غزا امن بورڊ ۾ شامل، معاهدي تي صحيحون، حماس هٿيار ڦٽا ڪري: ٽرمپ

ڊيووس(م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ غزا امن بورڊ جو باظابطا اعلان ڪري ڇڏيو، پاڪستان به معاهدي تي صحيح ڪري بورڊ ۾ شامل ٿي ويو. سوئيٽزر لينڊ جي شهر ڊيووس ۾ غزا امن بورڊ معاهدي تي صحيحن جي تقريب ٿي، جتي وزيراعظم شهباز شريف سميت ٻين ملڪن معاهدي تي صحيحون ڪيون. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته غزا بورڊ آف پيس ۾ شموليت تي سمورن ملڪن جو ٿورائتو آهيان، امن بورڊ تي گڏيل قومن سميت ٻين ملڪن سان گڏجي ڪم جاري رکندس. هن چيو ته اٺ جنگون روڪرايون، پاڪستان ۽ ڀارت ٻئي ايٽمي طاقتون آهن، ٻنهي ملڪن وچ ۾ جنگ روڪرائي جڏهن ته ان کانسواءِ به ڪيئي جنگون روڪرائي دنيا کي وڌيڪ محفوظ بڻايو. ٽرمپ وڌيڪ چيو ته ايران ڳاليهون ڪرڻ چاهي ٿو ۽ اسان ڳالهه ٻولهه لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته اسان جيڪڏهن غزا ۾ ڪامياب ٿياسون ته ان کي ٻين علائقن تائين به پکيڙينداسين. وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان طرفان معاهدي تي صحيحون ڪيون. ان موقعي تي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ميِڊيا کي ٻڌايو ته ‘بورڊ آف پيس’ ۾ شامل ٿيڻ جو پاڪستان جو مقصد مڪمل جنگ بندي حاصل ڪرڻ، انساني امداد فراهم ڪرڻ ۽ غزه جي تعمير نو ڪرڻ آهي. چين، هندستان، روسي صدر ولاديمير پوتن، ارجنٽائن جي صدر، اردن، برازيل، پيراگوئي جي اڳواڻن کي به دعوتون ڏنيون ويون. ڪينيڊين وزيراعظم مارڪ ڪارني هڪ ارب ڊالر ڏيڻ کان انڪار ڪيو. البانيا کان ويٽنام تائين ڪيترن ئي ملڪن بورڊ ۾ شامل ٿيڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي. هنگري جو وزيراعظم وڪٽر اوربان پڻ شامل ٿيو آهي. عيسيٰ بن سلمان بن حماد الخليفه بحرين، ناصر بوريتا مراڪش، جاوير ميلي ارجنٽائن، نڪول پشينيان آرمينيا، الهام عليئيف صدر آذربائيجان، روزن زليازڪوف وزير اعظم بلغاريا، وڪٽر اوربان وزير اعظم هنگري، پرابوو سبيانٽو صدر انڊونيشيا، ايمن الصفدي وزير خارجه اردن، قاسم-جومارت توڪائيف صدر قازقستان، وجوسا عثماني صدريو صدر ڪوسوو، ميان محمد شهباز شريف، وزير اعظم پاڪستان، سينٽياگو پينا صدر پيراگوئي، محمد بن عبدالرحمان الثاني صدر قطر، فيصل بن فرحان السعود وزير خارجه سعودي عرب، هاڪان فدان وزير خارجه ترڪي، خلدون خليفا المبارڪ آمريڪا ۾ خاص سفير يو اي اي، شوکت مرزيويوف صدر ازبڪستان، گومبوجاوين زندانشاتار وزيراعظم منگوليا معاهدي تي صحيون ڪيون.
 

لنڊن (م ڊ) بورڊ آف پيس جي چارٽر موجب، ان ۾ شامل هر رياست ٽن سالن تائين ان جي ميمبر هوندي ۽

چيئرمين (صدر ٽرمپ) جيڪڏهن چاهي ته هن ميمبرشپ کي وڌائي سگهي ٿو. ٽن سالن جي ميمبرشپ جو شرط انهن رياستن تي لاڳو نه ٿيندو جيڪي ‘بورڊ آف پيس’ فنڊ ۾ هڪ ارب ڊالر جمع ڪرائينديون. ‘بورڊ آف پيس’ جي چارٽر ۾ اهو به ذڪر ناهي ته هڪ ارب ڊالر فراهم ڪندڙ ملڪ جي طاقتن ۽ ٻين ملڪن جي وچ ۾ ڪهڙو فرق هوندو. بي بي سي موجب بورڊ کي شروعات ۾ غزه جي تعمير نو جي نگراني ڪرڻ تائين محدود سمجهيو پئي ويو پر ان جو چارٽر ان جي ڪردار کي فلسطيني علائقن تائين محدود نٿو ڪري. اها هڪ ‘بين الاقوامي تنظيم’ هوندي جيڪا ‘استحڪام کي هٿي وٺرائڻ، قابل اعتماد ۽ جائز حڪمراني بحال ڪرڻ، ۽ تڪرار کان متاثر يا خطري اورن علائقن ۾ مستقل امن کي يقيني بڻائڻ’ جي ڪوشش ڪندي. دستاويز ۾ چيو ويو آهي ته چيئرمين کي اهڙا ماتحت ادارا قائم ڪرڻ، ترميم ڪرڻ يا ختم ڪرڻ جو خاص اختيار هوندو جيئن هو امن بورڊ جي مشن کي انجام ڏيڻ لاءِ ضروري يا مناسب سمجهي. چيئرمين بورڊ جا ميمبر چونڊيندو پر انهن کي هٽائي به سگهندو. چيئرمين کي صرف “رضاڪارانه استعيفيٰ يا نااهلي جي صورت ۾” تبديل ڪري سگهجي ٿو. هر ميمبر رياست جو هڪ ووٽ هوندو. سڀني فيصلن لاءِ موجود ميمبر رياستن جي اڪثريت ۽ ووٽن جي ضرورت پوندي. ٽائي ٿيڻ جي صورت ۾، چيئرمين ووٽ ڏئي سگهي ٿو. چارٽر جي مطابق اهو  چارٽر تڏهن لاڳو ٿيندو جڏهن 3 رياستون راضي ٿينديون.