| پاڪستان، سعودي ۽ ترڪي وچ ۾ نئون دفاعي معاهدو ٿيڻ جو امڪان |
اسلام آباد (م ڊ) دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير رضا حيات هراج جو چوڻ آهي ته پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪي هڪ سال جي ڳالهين کان پوءِ دفاعي معاهدي جو مسودو تيار ڪري ورتو آهي. هي معاهدو گذريل سال اعلان ڪيل پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ٻطرفي معاهدي کان الڳ آهي. معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ ٽنهي ملڪن جي وچ ۾ مڪمل اتفاق راءِ ضروري آهي.برطانوي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪي معاهدي تي غور ڪري رهيا آهن. ٻئي طرف ترڪي جي پرڏيهي وزير هاکان فيدان تصديق ڪئي ته معاهدي بابت ڳالهيون واقعي ٿيون آهن، پر اڃا تائين ڪو به معاهدو نه ٿيو آهي. اسان وٽ هڪ تجويز آهي ته سڀئي علائقائي ملڪ سيڪيورٽي معاملن تي تعاون جي هڪ گڏيل پليٽ فارم تي گڏ ٿين. جيڪڏهن لاڳاپيل ملڪ هڪ ٻئي تي اعتماد ڪن ٿا ته علائقائي مسئلا حل ٿي سگهن ٿا.