| پاڪستانين جو بي بي ايل ڊيبو خراب: شاهين کان بالنگ کسجي وئي |
گاولنگ (اسپورٽس نيوز) بگ بيش ليگ (بي بي ايل) ۾ شاهين آفريدي جو ڊيبيو خوشگوار نه ٿي سگهيو. شاهين آفريدي بگ بيش ليگ ۾ برسبين هيٽ جي نمائندگي ڪري رهيو آهي جتي پنهنجي ڊيبيو ميچ ۾ شاهين 2.4 اوور ۾ 43 رنسون ڏنيون ۽ ڪا به وڪيٽ نه ورتي. شاهين پنهنجي ٽئين اوور ۾ 2 بيمر اڇلايا جنهن کان پوءِ امپائر کيس بالنگ کان روڪي ڇڏيو. ٻئي طرف پاڪستان جو هڪ ٻيو اسٽار بيٽسمين محمد رضوان پڻ پنهنجي ڊيبيو کي يادگار نه بڻائي سگهيو. ميلبورن رينيگيڊس جي نمائندگي ڪندڙ محمد رضوان 10 بالن ۾ 4 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.