| پاڪستانين جي اڪثريت ڪرڪيٽ جي مداح، قومي راند هاڪي جو ٽيون نمبر، شاهد آفريدي پسنديده ڪرڪيٽر قرار |
ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستانين جي اڪثريت ڪرڪيٽ جي شوقين، 34 سيڪڙو ماڻهن ڪرڪيٽ کي سڀ کان وڌيڪ پسنديده راند قرار ڏنو، فٽبال ٻئي ۽ قومي راند هاڪي ٽئين نمبر تي رهي، 6 سيڪڙو ماڻهن فٽبال ۽ 3 سيڪڙو ماڻهن هاڪي کي پسنديده راند قرار ڏنو، ڪوڏي ڪوڏي کي 3 سيڪڙو، باڪسنگ ۽ باسڪٽ بال کي 2-2 سيڪڙو ماڻهن پسنديده راند قرار ڏنو، اسڪوائش هڪ سيڪڙو ماڻهن جي پسند جي راند هئي، 3 سيڪڙو ماڻهن ٻين راندين لاءِ چيو. 42 سيڪڙو ماڻهن ڪا به راند پسند نه هجڻ جو چيو، گيلپ سروي 15 جنوري کان 3 فيبروري دوران 7 سئو کان وڌيڪ ماڻهن کان ڪئي وئي، ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ پسنديده رانديگر جي سوال تي 65سيڪڙو ماڻهن ڪو به رانديگر پسند نه هجڻ جو چيو، 10 سيڪڙو ماڻهن سڀ کان وڌي شاهد آفريدي کي پسنديده رانديگر قرار ڏنو، عمران کي 9 سيڪڙو ۽ بابر اعظم کي 6 سيڪڙو ماڻهن پسنديده ڪرڪيٽر قرار ڏنو . 3 سيڪڙو ماڻهن ٻين رانديگر جي حق ۾ راءِ ڏني.